پي ايس ايل اسپاٽ فڪسنگ اسڪينڊل: محمد عرفان اينٽي ڪرپشن يونٽ ۾ بيان رڪارڊ ڪرائي ڇڏيو

لاهور(اسپورٽس  نيوز) پي ايس ايل اسپاٽ فڪسنگ اسڪينڊل ۾ فاسٽ بولر محمد عرفان اينٽي ڪرپشن يونٽ جي سامهون پنهنجو بيان رڪارڊ ڪرائي ڇڏيو آهي، سي پي بي چيئرمين چيو آهي ته اسپاٽ فڪسنگ ۾ جيڪو رانديگر ملوث نڪتو ان جو سڄو ڪيريئر ختم ٿي ويندو. سي پي بي جي چيئرمين شهريار خان جو چوڻ هو تگه بڪيز پنهنجو طريقي ڪار تبديل ڪري ڇڏيو آهي. هاڻ دوست ۽ مائٽن ذريعي فڪسنگ ڪرائيندا آهن، شرجيل ۽ خالد لطيف خلاف ثبوت هئا ان ڪري انهن کي فوري طور معطل ڪيو ويو. شهريار خان ٻڌايو ته محمد عرفان ۽ شاهزيب حسن خلاف جاچ جاري آهي، هنن صاف چيو آهي ته جيڪي بڪيز جي ڳالهين ۾ ايندو اهو پنهنجي ڪيريئر تان هٿ ڌوئيندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *