ڊونلڊ ٽرمپ جي رويي مان مايوس آهيان: ڪرسٽن اسٽيورٽ

لاس اينجلس (شوبز نيوز) هالي ووڊ اداڪارا ڪرسٽن اسٽيورٽ به آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کان پنهنجي مايوسيءَ جو اظهار ڪري ڇڏيو آهي. ڪرسٽن اسٽيورٽ هڪ ٽي وي شو دوران چيو ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۾ ريمارڪس تي جواب ڏيڻ جو حوصلو ناهي. مان عوامي سطح تي اچي صدر بابت پنهنجي رد عمل جو اظهار ڪيو ۽ مون کي اميد هئي ته ٽرمپ به پنهنجو رد عمل عوامي سطح تي ظهر ڪندو پر هن خاموشي اختيار ڪئي، جنهن تي مون کي ڏاڍي مايوسي ٿي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *