خوف جي باوجود پاڪستان ايندڙ پرڏيهي رانديگرن کي سلام پيش ڪريان ٿو: محمد حفيظ

لاهور (اسپورٽس  نيوز) قومي ڪرڪيٽ ٽيم ۽ پشاور زلمي جي رانديگر محمد حفيظ چيو آهي ته خوف جي باوجود پاڪستان ايندڙ پرڏيهي رانديگرن کي سلام پيش ڪريان ٿو ته انهن ملڪ ۾ دهشتگردي جي باوجود پنهنجن حوصلن کي بلند رکيو، انٽرويو دوران هن چيو ته مون کي ٽيم جي کٽڻ جي وڏي اميد هئي ڇو ته ان لاءِ وڏي محنت ڪئي ۽ سٺي پرفارمنس ڏني هئي، هڪ ٽيم جي حيثيت سان ڪوشش ڪئي ته اسان هر ميچ ۾ سٺي کان سٺي پرفارمنس ڏيون ۽ اڳتي وڌون، مان رانديگرن ۽ انهن جي خاندان کي سلام پيش ڪريان ٿو جو انهن رانديگرن کي اچڻ جي اجازت ڏني.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *