پيپلز پارٽي جهڙو عمل ڪندي تهڙو ئي ردعمل ملندو: خواجه اظهار الحسن

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) متحده قومي موومينٽ جي ڊپٽي پارلياماني ليڊر خواجه اظهار الحسن چيو آهي ته پيپلز پارٽي جنهن طرح عمل ڪندي ان کي ان کان سخت رد عمل ڏينداسين ۽ جيڪڏهن اسان جي احتجاج تي قرارداد آني وئي ته پيپلز پارٽي جي جلسي تي مذمتي قرارداد پيش ڪنداسين سنڌ اسيمبلي جي اجلاس کان پهريان ميڊيا سان ڳالهائيندي خواجه اظهار الحسن جو چوڻ هو ته پيپلز پارٽي ايم ڪيو ايم جي احتجاج کي غلط رنگ ڏئي رهي آهي ۽ جيڪڏهن جلسن، جلوسن ۽ سياسي عمل کي قرارداد ذريعي ايوان ۾ آڻڻ چاهي ٿي ته پيپلز پارٽي جي جلسن خلاف به مذمتي قرارداد پيش ڪئي ويندي چاهي اها قبول هجي يا نه هن چيو ته جمهوري عمل جي مذمت نٿا ڪري سگهون جيڪڏهن ڪنهن به جمهوري عمل جي مذمت ڪئي وئي ته جواب به انهي شڪل ۾ ايندو خواجه اظهار الحسن چيو ته پنهنجي طرفان پارلياماني روايتن جي ڀڃڪڙي جي ڪڏهن به اڳرائي نه ڪنداسين ۽ اها ئي توقع پيپلز پارٽي کان به آهي پر هينئر حڪومت ۾ نوان وزير آهن جن کي انهن روايتن جو علم ناهي جڏهن ته اسان جي ڪوشش هوندي ته پارلياماني روايتون برقرار رکيون وڃن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *