مڊٽرم چونڊن جو ڪو امڪان ناهي، نه ئي اهڙي صورتحال آهي: خواجه آصف

اسلام آباد (بيورو) دفاع، پاڻي ۽ بجلي جي وفاقي وزير خواجا آصف چيو آهي ته ملڪ ۾ مڊٽرم چونڊن جو ڪو امڪان ناهي نه اهڙي صورتحال نظر اچي ٿي، وزيراعظم جي اها پنهنجي صوابديد آهي جيڪڏهن هو چاهي ته مڊ ٽرم چونڊون ڪرائي سگهي ٿو، آئين کيس اختيار ڏنو آهي. هو پارليامينٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائي رهيو هو. هن چيو ته ڌرڻا سازش تحت ڏنا ويا آهن ته جيئن پاڪستان معاشي ابتري جو شڪار ٿئي پر هو پنهنجي عزمن ۾ ڪامياب نه ٿيا آهن. هن چيو ته پاڪستان جون حالتون هاڻ معمول تي اچي رهيون آهن ۽ وڌيڪ بهتري ايندي. هن چيو ته مڊٽرم چونڊن جو ڪو امڪان نظر نٿو اچي ۽ نه ئي اهڙي صورتحال نظر اچي ٿي، اهو وزيراعظم جي صوابديد تي آهي ته هو چونڊون ڪرائي سگهي ٿو، هن چيو ته چونڊون 8 1 0 2 ع ۾ ئي ٿينديون ۽ پوءِ عوام جي عدالت ۾ وينداسين ۽ فيصلو عوام ڪندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *