جمهوريت ۾ احتجاج ضرور ڪيو بدتميزي نه: آغا سراج دراني

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني جو چوڻ آهي ته اسان ڪنهن کان به استعيفيٰ ناهي ورتي ۽ نه ئي ايئن چاهيونٿا وري به چوان ٿو ته گڏ ويهي معاملا ڳالهين سان حل ڪيو، سنڌ اسيمبلي جي اجلاس کان پهريان ميڊيا سان ڳالهائيندي آغا سراج دراني جو چوڻ هو ته اسان ڪنهن به استعيفيٰ ناهي ورتي ۽ نه ئي اسان ايئن چاهيون ٿا جمهوريت ۾ احتجاج ضرور ڪيو پر بدتميزي نه هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته آئين جيڪو چوي ٿو اسان کي ان حساب سان هلڻو آهي وري به چوان ٿو ته گڏ ويهي معاملا ڳالهين سان حل ٿي وڃن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *