پيپلزپارٽي ملڪ ۾ دستور ۽ قانون جي پائمالي ڪئي ۽ بدترين مثال قائم ڪري رهي آهي: اسد عمر

اسلام آباد (اين اين آءِ) تحريڪ انصاف جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري اسد عمر سنڌ حڪومت جي آمراڻي واري رويي جي سخت مذمت ڪندي ڪارڪنن کي فوري آزاد ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي، پنهنجي بيان ۾ اسد عمر چيو آهيت ه پرامن احتجاج شهرين جو بنيادي ۽ جمهوري حق آهي. سنڌ جي آمراڻي حڪومت شهرين جي جمهوري حق تي ڌاڙو نٿي هڻي سگهي. هن چيو ته پيپلزپارٽي ملڪ ۾ دستور ۽ قانون جي پائمالي ڪئي ۽ بدترين مثال قائم ڪري رهي آهي، هارس ٽريڊنگ جي شرمناڪ مندي سجائي پيپلزپارٽي ڀٽو جي سياسي ورثي کي شرمسار ڪيو آهي. هن چيو ته غداري جو پٽ کلي عام او آئي سي ۾ رخنو وجهي رهيو آهي ۽ ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي ۽ ملڪ دشمني جو ثبوت ڏنو آهي. وفاقي وزير چيو ته پرامن احتجاج ڪرڻ جي عيوض اسان جي ڪارڪنن کي حراست ۾ ورتو ويو جن کي فوري طور آزاد ڪيو وڃي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *