سنڌ هائوس تي حملو: آءِ جي اسلام آباد سپريم ڪورٽ ۾ رپورٽ جمع ڪرائي ڇڏي

اسلام آباد (م.ڊ) اسلام آباد پوليس جي انسپيڪٽر جنرل (آءِ جي) سنڌ هائوس تي حملي بابت رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏي. رپورٽ موجب سنڌ هائوس تي حملو ڪندڙن کي ايم اين ايز سان گڏ هجڻ ڪري چيڪ پوسٽ تي نه روڪيو ويو. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته جوابدارن بيان ڏنو ته احتجاج جي لاءِ پريس ڪلب آڏو گڏ ٿيا، ايم اين ايز عطاءُ الله ۽ فهيم خان جي پريس ڪلب اچڻ تي سنڌ هائوس وڃڻ جو فيصلو ڪيو ويو. رپورٽ موجب ايم اين ايز سوڌو 5 گاڏين تي ٻڌل قافلو سنڌ هائوس ڏانهن روانو ٿيو، پوليس جي وڌيڪ نفري جي باوجود سنڌ هائوس جو گيٽ ٽٽڻ شرمندگي جو سبب آهي، 10 اهلڪارن خلاف غفلت تي ڪارروائي ڪئي پئي وڃي. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ڊي آءِ جي سيڪيورٽي ۽ آپريشنز جي سربراهي ۾ ڪميٽي جوڙي وئي آهي، واقعي ۾ ملوث ايم اين ايز سوڌو 15 جوابدارن کي ضمانت تي آزاد ڪيو ويو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *