مهانگائي هٽايو مارچ جي لاءِ (ن) ليگ جي اسيمبلي ميمبرن ۽ ليگي اڳواڻن جون ڊيوٽيون لڳايون ويون

لاهور (اين اين آءِ) پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ پاران 23 مارچ تي ٿيندڙ مهانگائي هٽايو مارچ جي سلسلي ۾ مسلم ليگ (ن) جي اسيمبلي ميمبرن ۽ اڳواڻن جون ڊيوٽيون لڳايون ويون آهن تفصيل مطابق مسلم ليگ (ن) جي نائب صدر مريم نواز ۽ پنجاب اسيمبلي ۾ اپوزيشن حمزه شهبازشريف جي قيادت ۾ لانگ مارچ جو آغاز ماڊل ٽائون لاهور کان ٿيندو مريم نواز ريلي جي صورت ۾ رائونڊ کان ماڊل ٽائون پهچندي جڏهن ته سيف الملوڪ کوکر به مريم نواز سان گڏ هوندو ليگي ايم پي اي مرزا جاويد ۽ ڪرنل رٽائرڊ طارق کي به ڪارڪنن سان گڏ رائيونڊ پهچڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي ان کان علاوه ٽڪيٽ هولڊر پ پ 161 فيصل کوکر ٽڪيٽ هولڊر پ پ 170 ميان عمران جاويد به ڪارڪنن سان گڏ رائونڊ ويندو. ايم پي اي خواجه سلمان رفيق، ملڪ وحيد، ٽڪيٽ هولدر پ پ 158 رانا احسن شرافت به ميمبرن سان گڏ ماڊل ٽائون پهچندو. خواجه عمران، چوڌري شهباز احمد ڪارڪنن سان گڏ شاهدره پهچندو غزالي سليم بٽ ۽ سميع الله خان به ميمبرن سان گڏ شاهدره ۾ هوندو مسلم ليگ (ن) جا ميمبر گجرانوالا ۾ موجود رهڻ جي هدايت ڪئي وئي جڏهن ته سمورن قومي اسيمبلي جي ميمبرن کي اسلام آباد ۾موجود رهڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *