پيپلزپارٽي بي اي پي کان لڪي ووٽ ورتو هو،  اسان لڪي ووٽ ڏيڻ وارا نه آهيون: مولانا فضل الرحمان

اسلام آباد (اين اين آءِ) ڄام ڪمال جي استعيفا کان پوءِ بلوچستان ۾ نئين حڪومت جي قيام جي معاملي تي نئين وڏي وزير کي ووٽ ڏيڻ يا نه ڏيڻ لاءِ جي يو آئي (ف)، بي اين پي مينگل ۽ پنختونخواه ميپ مشاورت ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو، جاري ڪيل بيان موجب مولانا فضل الرحمان چيو ته پي ڊي ايم ۾ شامل پارٽين سان صلاح مشوري کان پوءِ نئين وڏي وزير جي حمايت ڪرڻ يا نه ڪرڻ جو فيصلو ڪنداسين، مولانا فضل الرحمان چيو ته پيپلزپارٽي بي اي پي کان لڪي ووٽ ورتو هو اسان لڪي ووٽ ڏيڻ وارا نه آهيون جيڪو به فيصلو ٿيندو صلاح مشوري سان ۽ اعلانيل هوندو هن چيو ته اسان بلوچستان جي نئين حڪومت ۾ شامل ٿيڻ جو اڃا تائين ڪو فيصلو ناهي ڪيو ڄام ڪمال جا پنهنجا ساٿي ان جي خلاف ٿي ويا هئا. هن چيو ته جڏهن بي اي پي جا پنهنجا ميمبر ڄام ڪمال کي ڇڏي چڪا هئا ته اسان ته اپوزيشن ۾ هئاسين هن چيو ته بلوچستان ۾ اسان حڪومتي اتحاد ۾ اختلافن جو فائدو ورتو هن چيو ته بلوچستان ۾ اسان سان اپوزيشن ۾ پي ڊي ايم جون ٻه پارٽيون بي اين پي مينگل ۽ پختونخواه ميپ به آهن هن چيو ته اسان پي ڊي ايم جي پارٽين سان صلاح مشوري کان پوءِ ئي ڪو فيصلو ڪنداسين.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *