سالگرا ملهائڻ لاءِ ويل ناليواري ڀارتي بلاگر ميڪسيڪو ۾ قتل

ڪراچي(شوبز نيوز)سالگرا ملهائڻ جي لاءِ ميڪسيڪو ويل ڀارت ڄائي آمريڪي عورت ٽريول بلاگر منشيات اسمگلرن جي جهيڙي ۾ مارجي وئي آهي.ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب 25 سالن جي ڀارتي ڄائي آمريڪي عورت انجنيئر ۽ ٽريول بلاگر انجلي ريوت پنهنجي سالگرا ملهائڻ لاءِ ميڪسيڪو وئي هئي.رپورٽ ۾ چيو ويو ته ميڪسيڪو جي ٽولم جي ريزورٽ ۾ ٻن منشيات فروش گينز وچ ۾ فائرنگ ٿي پئي.رپورٽن ۾ ٻڌايو ويو ته جهيڙي ۾ ڀارتي بلاگر به مارجي وئي جڏهن ته ان واقعي ۾ هڪ ٻيو جرمن سياح به مارجي ويو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *