اين آئي سي وي ڊي پاران لاڙڪاڻي ۾ مفت اوپن ھارٽ سرجريز جو آغاز، نديم قمر جون ٽيم کي مبارڪون

ڪراچي(پ.ر) قومي ادارھ براءِ امراض قلب (اين آئي سي وي ڊي) سومر  25 آڪٽوبر 2021 تي  اين آئي سي وي ڊي لاڙڪاڻي ۾ بلڪل مفت اوپن ھارٽ سرجري جو آغاز ڪري ھڪ ٻيو سنگ ميل عبور ڪري ورتو آھي، اين آئي سي وي ڊي جي ڪارڊيڪ سرجن ڊاڪٽر علي رضا منگي اينستھيزيالوجسٽ  اسسٽنٽ پروفيسر ڪمل ڪمار سان گڏ اوپن ھارٽ سرجري سرانجام ڏني، لاڙڪاڻو  اين آئي سي وي ڊي جو پھريون سيٽلائٽ سينٽر آھي جتي انجيوپلاسٽي، انجيو گرافي، ڪارڊيڪ اپي ڊي، ايمرجنسي ۽ ٻيون سھولتون اڳ ۾ ئي فراھم ڪيون وينديون آھن، ۽ ھاڻي لاڙڪاڻي اين آئي سي وي ڊي ڪراچي، سکر ۽ ٽنڊو محمد خان جي بعد چوٿون شھر بڻجي چڪو آھي،  جتي اوپن ھارٽ سرجري جو باقئدا آغاز ڪيو ويو آھي، اين آئي سي وي ڊي ٽيم کي مبارڪ باد ڏيندي اداري جي ايگزيڪٽو ڊائريڪٽر پروفيسر نديم قمر چيو آھي تھ اين آيئ سي وي ڊي لاڙڪاڻي ۾ اوپن ھارٽ سرجري جي سھولت فراھم ڪئي وئي آھي، جيڪا لاڙڪاڻي ۽ ان جي ويجھن شھرن جي لاءِ ھڪ وڏي خوشخبري آھي، اڳ ماڻھن کي ڪرڊيڪ اوپي ڊي ۽ دل جي متعلق ٻين ننڍن توڙي وڏن مسئلن جي لاءِ ڪراچي وڃڻو پوندو ھو پر ھاڻي اسان سنڌ جي 9 شھرن ۾ سيٽ لائيٽ سينٽرز جو آغاز ڪري ڇڏيو آھي. ڪارڊيڪ سرجن ڊاڪٽر علي رضا منگي جو چوڻ ھو تھ اين آئي سي وي ڊي لاڙڪاڻي ۾ دل جو بائي پاس ڪيو ويندو آھي، ۽ مريض صحت ياب ٿي رھيو آھي، ھن وڌيڪ چيو تھ جڏھن مريض کي ٻڌايو ويو تھ ھن جو بائي پاس آپريشن ھتي لاڙڪاڻي ۾ ٿيندو تھ ھو بي حد خوش ٿيو، ۽ ان جي ڪامياب ھارٽ بائي پاس سرجري سان لاڙڪاڻي ۽ ويجھن شھرن ۾ ھڪ خوشي جي لھر ڦھليل آھي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *