پوليس ۽ ايف سي ڪميٽي چوڪ ۽ بني گالا کي ميدان جنگ بڻائي ڇڏيو، بدترين شيلنگ ۽ تشدد، ٻارڙو فوت

راولپنڊي/اسلام آباد/ڪراچي(نمائندن وٽان) پي ٽي آءِ ڪارڪنن جي گرفتاري خلاف پوري ملڪ ۾ احتجاج جون سلسلو جاري، ڪراچي ۾ گورنر هائوس اڏو ڌرڻو، حڪومت خلاف نعريبازي،راولپنڊي جو ڪميٽي چوڪي ۽ بني گالا ميدان جنگ بڻيل رهيا، ڪارڪنن ۽ پوليس ۾ چڪريون ٿينديون رهيون،  پوليس ميڊيا جي نمائندن کي به تشدد جو نشانو بڻائيندي رهي، نه عورتن کي بخشو ويو نه ئي ٻارڙن کي، پوليس شيخ رشيد کي جلسي کان روڪڻ لاءِ لال حويلي کي سوين ڪنٽينر لڳائي بند ڪري ڇڏيو، سڄو ڏينهن عوامي ليگ سربراهه کي پوليس گوليندي رهي، شيخ رشيد اوچتو دبنگ انٽري ڪري ڊوڙي ميڊيا جي گاڏي تي ويهي ڪارڪنن کي خطاب ڪري غائب  ٿي ويو،  پوليس بني گالا عمران خان جي رهائش گاهه کي پڻ نجي جيل ۾ تبديل ڪري ڇڏيو، پي ٽي آءِ جي اڳواڻن توڙي ڪارڪنن کي ڪپتان جي رهائش گاهه تي وڃڻ کان روڪيو ويو، مڇري ڪارڪنن جون پوليس سان چڪريون پڻ ٿينديون رهيو، پوليس طاقت جو ڀرپور استعمال ڪندي ڪيترن ئي ڪارڪنن کي گرفتار ڪري ورتو، پوليس جي بدترين شيلنگ سبب علائقي واسي گهرن تائين محدود ٿي ويا، گئس جي شيلنگ سبب لياقت آباد جي هڪ گهر ۾ موجود 4 ڏينهن جو ٻارڙو ساهه منجهڻ سبب فوت ٿي ويو، ٻارڙي جي وارثن ٻارڙي کي شهيد بينظير ڀٽو اسپتال پهچايو جتي ڊاڪٽرن کيس شيلنگ سبب ساهه ٻوساٽجڻ سبب فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي، ميڊيا تي ٻارڙي جي فوتگي جي خبر نشر ٿيڻ بعد پي ٽي آءَ جي قيادت، سميت پيپلز پارٽي، ف ليگ، پي اي ٽي جي اڳواڻن سخت لفظمن ۾ مذت ڪندي موجوده صورتحال کي آمريت قرار ڏئي ڇڏيو، پاڪستان تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان چيو آهي ته مون کي ڪهڙي قانون تحت نظربند ڪيو ويو، اسان ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي جو اسان اهڙو سلوڪ ڪيو ويو، نواز شريف کان پڇڻ ٿو چاهيان ته هي جمهوريت آهي يا بادشاهت؟ بني گالا ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي عمران خان چيو ته نعيم الحق کي بني گالا نه اچڻ ڏنو ويو، مون ڪهڙو قانون ٽوڙيو آهي، نواز شريف ڪوهاٽ ۾ جلسو ڪيو ته پوءِ اسان کي اجازت ڇو ناهي؟ منهنجي گهر ڏانهن ايندڙ سمورا رستا بند ڪيا ويا آهن، عدليا کي چوڻ چاهيان ٿو ته توهان هاڻ ٽرائيل تي آهيو.هن چيو ته نواز شريف فوجي آمر جي پيداوار آهي، ن ليگ جي حمايت اهي ڪري رهيا جن کي پنهنجي ڪرپشن سامهون اچڻ  جو ڊپ آهي. اسان جا ڪارڪنن پهاڙن تان چڙهي آيا آهن، نواز شريف کي ڪوهاٽ جلسي کان ڇو نه روڪيو ويو؟ پنجاب پوليس ڪي پي ڪي پوليس کان سبق سکي، پوليس ڪو به غير قانوني حڪم مڃڻ جي پابند ناهي. ميڊيا جي رستي ۾ رنڊڪون وڌيون پيون وڃن، ڪارڪن کي چوان ٿو ته 2 نومبر لاءِ تيار ٿين. هن چيو ته اسلام آباد ۾ عوامي طاقت ڏيکارينداسين  ۽ ملڪ جي تقدير بدلي ڏيکارينداسين.  هر ڪرپٽ سياستدان نواز شريف سان گڏ آهي، آئون جيسيتائين جيترو نواز شريف کي نه ڇڏيندس، مون کي ڪير روڪي نٿو سگهي آئون هر حال ۾ اسلام آباد ۾ ڌرڻو ڪندس. پوليس 2 نومبر تي ماڻهن جي سمنڊ کي روڪي نه سگهندي. جيسين تائين احتساب نه ٿيندو تيسيتائين نواز شريف کي نه ڇڏيندس. ڪارڪن گرفتارين کان بچي 2 نومبر تي اسلام آباد پهچن، ڪي پي ڪي پوليس قانون موجب هلندي آهي. حڪومت عدالتي فيصلن جو متيون منجهائي ڇڏيون آهن.  نظربند ڪرڻ سان مون تي ۽ منهنجن ڪارڪنن تي ڪو به فرق نه پوندو. هن وڌيڪ چيو ته 1 نومبر تي 100 سيڪڙو سپريم ڪورٽ ويندس. احتساب جي ڳالهه ڪجي ٿي ته هنن کي جمهوريت خطري ۾ نظر اچي ٿي.  پوليس جون پگهارون عوام جي ٽيڪس مان وينديون آهن، پوليس شريف خاندان جي نوڪر ناهي. جيڪي ماڻهو سپريم ڪورٽ تي حملا ڪرائي سگهن ٿا انهن مان چڱائي جي ڪهڙي اميد ٿي سگهي ٿي. ن ليگ ڪڏهن به قانون تي ناهي هلي جڏهن ته بني گالا ايندڙ ماني کي به روڪيو ويو آهي. ٻئي طرف عوامي مسلم ليگ جو اڳواڻ شيخ رشيد موٽر سائيڪل تي سوار تي ڪميٽي چوڪ تي پهتو، نجي ٽي وي ڊي ايس اين جي تي چڙهي سگريٽ پيتو ۽ مختصر ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪري واپس هليو ويو، جمعي تي راولپنڊي ۾ قلم 144 لڳائڻ کانپوءِ عوامي مسلم ليگ جي اڳواڻ شيخ رشيد موٽر سائيڪل تي گهٽين مان ٿيندو، ڪميٽي چوڪ پهتو ۽ هو سڌو ميڊيا جي نمائندن وٽ آيو ۽ نجي ٽي وي ڊي ايس اين جي ٽي چڙهي ويٺو ۽ اتي سگريٽ دکايو جنهن کانپوءِ ميڊيا سان مختصر ڳالهه ٻولهه ڪئي، هن چيو ته مان واعدو ڪيو هو ۽ واعدي موجب آيو آهيان، اسپيشل برانچ جا ماڻهو فوٽون ڪڍي رهيا آهن انهن کي نواز شريف سان گڏ ئي جيل ۾ اڇلائينداسين، مان اچي ويو آهيان ڪنهن ۾ همت آهي ته گرفتار ڪري، هن چيو ته سڀ رستا بند آهن، پنڊي جي ماڻهن کي ثابت ڪيو آهي ته اسان حڪومت کي نٿا مڃون، عوامي تحريڪ ۽ تحريڪ انصاف به اسان سان احتجاج ۾ گڏ آهن، هن دعويٰ ڪئي ته ساڍن 4 سئو کان وڌيڪ تحريڪ انصاف ۽ عوامي مسلم ليگ جي ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، هن چيو ته ساڍي لباس ۾ اسپيشل برانچ ۽ آءِ بي اي جا ماڻهو ڪارڪنن کي گرفتار ڪري ويا آهن، هن حڪومت کي چيو ته اسان جو قصور ڪهڙو آهي، اسان جمهوريت چاهيون ٿا، ملڪ جي سربلندي چاهيون ٿا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *