مخالفن کي خوف آهي ته ترقي جي سفر سان انهن جي سياست ختم ٿي ويندي: نواز شريف

ڪوهاٽ(م.ڊ) وزير اعظم نواز شريف چيو آهي ته مخالفن کي پاڪستان جي خوشحالي ۽ ترقي جو خوف وٺجي ويو آهي. هنن ٽن سالن دوران ڪي پي ڪي لاءِ ڪجهه به نه ڪيو. 2018 تائين ڪي پي ڪي ۾ به مسلم ن ليگ جي حڪومت هوندي. ڪوهاٽ جي قلعي گرائونڊ ۾ جلسي کي خطاب وزير اعظم نواز شريف چيو ته ڪندي اسان جي حڪومت آئي ته ملڪ ۾ 18- 18 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ هوندي هئي، هاڻ لوڊشيڊنگ ۾ گهٽتائي اچي وئي آهي ۽ 2018 تائين لوڊشيڊينگ ختم ٿي ويندي. اڄ جيڪو تحفو ڪوهاٽ جي عوام ڏيڻ آيو آهيان اهو تحفو نه پر اوهان جو حق آهي. ڪي پي ڪي جي تبديلي مون کان وڌيڪ اوهان ڄاڻو ٿا. ڪوهاٽ ۾ 3 ڏهائي 9 ارب رپين گيس جو منصوبو جوڙيو ويندو. نواز شريف جڏهن به ڪو واعدو ڪندو آهي ته اهو پورو ڪري ڏيکاريندو آهي. اڄ ڪوهاٽ جو تاريخي ڏينهن آهي، اڄ ڪوهاٽ ۾ جيڪو گيس ڏنو پيو وڃي اهو مسترزئي، شير ڪوٽ، علي زئي، نصرت خيل شاهپور ۽ ٻين علائقن ڏانهن به ويندو. عوام تان پيسو ته ڇا پر آئون عوام لاءِ سر به ڏئي ڇڏيندس. هن چيو ته ڪوهاٽ جي عوام لاءِ ٻيو تحفو اهو آهي ته ڪوهاٽ، جهنڊ ۽ پنڊي گيٽ  تي موٽر وي منصوبو جوڙيو ويندو.  ان منصوبي سان پشاور به ويجهو ٿيندو ۽ اسلام آباد به ويجهو ٿيندو جڏهن ڪوهاٽ کان ڪرڪ  تائين نيشنل هاءِ تي ٻيڻو ڪيو ويندو. هن اعلان ڪندي چيو ته هتي آئون بهترين اسٽيٽ آف دي آرٽ اسپتال بڻجندي، هاڻ بيمار ٻارن جي علاج لاءِ پشاور، ڪراچي يا لاهور نه وڃڻو پوندو پر ڪوهاٽ ۾ ئي سمورن بيمارين جو علاج ٿيندو. ڪوهاٽ جي غريب ماڻهن، ٻارن ۽ غريب ماءُ پيءُ لاءِ مفت علاج جو منصوبو جوڙيو ويندو. جيئن غريب، جن وٽ پيسا ناهن اهي قرض وٺي علاج ڪرائن ٿا انهن کي مفت علاج ڏئي سگهجي. اسپتال واري منصوبي بعد ڪنهن کي به دڪان يا گهر يا ٻي ڪا ملڪيت وڪڻڻ جي ضرورت نه پوندي.هن چيو ته  اسان اهي سمورا منصوبا جوڙي ڏيکارينداسين، آئون عورتن جي لاءِ کوهاٽ يونيورسٽي جي وويمن ڪيمپس جو اعلان ڪيان ٿو جڏهن ته اها ڪوشش پڻ هوندي ته راوپنڊي کان ڪوهاٽ تائين ريل شروع ڪئي وڃي. هاڻ عوام ڪوهاٽ کان راولپنڊي تائين ريل ۾ سفر ڪندو ۽  ڪوهاٽ تحصيل ڪائونسل جا 10 ڪروڙ رپين جي گرانٽ جو اعلان ڪيان ٿو. اچ سڄي پاڪستان ۾ ترقياتي عمل تيز آهي، سي پيڪ بڻجي رهيو آهي جيڪو پاڪستان جي اندر ترقي ۽ خوشحالي آڻيندو.  پاڪستان جي اندر روڊ، موٽر وي ۽ هاءِ وي بڻجي رهيا آهن، پاڪستان ترقي يافته ملڪ بڻجڻ لاءِ وڃي رهيو آهي. 2013 ۾ اسان جي حڪومت آئي ته دهشتگردي سڄي ملڪ ۾ ڦهليل هئي، هاڻ دهشتگردي ختم ٿي رهي آهي، اڄ دهشتگردي جي چيلهه ٽٽي چڪي آهي ۽ آئون فوجي جوانن، پوليس جي جوانن، انتظاميا جي جوانن ۽ عام شهرين کي مبارڪ پيش ڪيان ٿو جن پنهنجون جانيون ڏئي دهشتگردي جو خاتمو آندو. جڏهن سمورا منصوبو شروع ٿي هلڻ شروع ڪندا ته آئون وري ڪوهاٽ ايندس. هن وڌيڪ چيو ته ڪوهاٽ جي عوام کي مبارڪ ڏيان ته اڄ هتي موٽر وي، هاءِ وي، اسپتال ۽ گيس اچي ويا آهن. هتي غربت ۽ بيروزگاري جو خاتمو ايندو، آئون چاهيان ته ڪي پي ڪي ۾ تبديلي اچي ۽ اها تبديلي آئون آڻيندس. ڪي پي ڪي ۾ سٺو ڪم ٿئي ها ته اڄ ايترا ماڻهو نه اچن ها.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *