ڪيڊٽ ڪاليج لاڙڪاڻو ۾ شروع ٿيل اسپورٽس چيمپين شپ پڄاڻي تي پهتي، سانگهڙ ۽ لاڙڪاڻي جون ٽيمون سوڀاريون

ڏوڪري (اسپورٽس نيوز) ڪيڊٽ ڪاليج لاڙڪاڻو جي ميزباني هيٺ جاري آل سنڌ انٽرڪيڊ ٽ ڪاليجزاسپورٽس چيمپيئن شپ)  پنهنجي پڄاڻي تي پهتو ڪيڊٽ ڪاليج سانگهر هاڪي، ٽيبجل ٽيسٽس 7 اسڪوائتس جي ميدان ۾ سڀ کان اڳري ڪيڊ ٽ لاڙاڪاڻي جون ٽيمون باسڪٽ بال ۽ والي بال جي راندين ۾ سو ڀاريون،راندين جي ذريعي انتها پسندي ۽ بيمارين جو مقابلو ڪري سگهجي ٿو ،پرنسيپل ڪيڊ ٽ ڪاليج لاڙڪاڻو ڪرنل ( ر ) افتخار حسين، مئير لاڙڪاڻو ڪارپوريشن محمد اسلم شيخ،خبر موجب:ڪيڊٽ ڪاليج لاڙڪاڻو جي ميزباني هيٺ جاري آل سنڌ انٽرڪيڊ ٽ ڪاليجزاسپورٽس چيمپيئن شپ)جي پڄاڻي واري تقريب ڪالهه شهيد محترمه بينظير ڀٽو اسٽيڊيم ،ڪيڊ ٽ ڪاليج لاڙڪاڻو ۾ ٿي گذري،جنهن ۾ ميونسپل ڪميٽي لاڙڪاڻي جي ميئير محمد اسلم شيخ ،خاص مهمان طور ۽ ڊپٽي ميئير انور لهر ،اعزازي مهمان طور شرڪت ڪئي.ان موق عي تي ڪيڊ ٽ ڪاليج سانگهڙ کي چيمپئين شپ جي اوورآل ونر ٽرافي پيش ڪئي ويئي.ان مو قعي تي چيپئين شپ ۾ وٺندڙ تمام ڪيڊ ٽس کي ميڊلز سان نوازيو ويو.چيمپئينشپ دوران ڪيڊ ٽ ڪاليج سانگهڙ هاڪي، ٽيبل ٽينس ۽ اسڪوائش جي مقابلن ۾ پهريون نمبر ۽ فوٽ بال ۾ سميت 2 رنر اپ ٽرافيون پڻ حاصل ڪيون.چيمچيئين شپ دوران ڪيڊ ٽ ڪاليج لاڙڪاڻي کي 2 ونرٽرافيون ۽ هڪ رنر ٽرافي پڻ ملي.جڏهن ته ڪيڊ ٽ ڪاليج پنو عاقل والي بال ۾ رنر اپ جي ٽرافي حاصل ڪئي.آخر ۾ تقريب کي خخاب ڪندي پرنسيپل ڪيڊ ٽ ڪاليج لاڙڪاڻو ڪرنل ( ر ) افتخار حسين چيو ته ڪو به معاشرو راندين کانسوا۽ صحتمند نه ٿو ٿي سگهي.رانديون اسان جي زندگي ۾ اهم حصو ولارين ٿيون.هن چيو ته ڪيڊ ٽ ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ شروع کان وٺي تعليم ۽ تربيت سان گڏ راندين کي به وڏي اهميت ڏني ويندي آهي.هن چيو تهاسان انتها پسندي ۽ دهشتگردي کي تعليم ذريعي ۽ بيمارين کي راندين ذريعي شڪست ڏئي سگهون ٿا.جڏهن ته هن پروگرام ۾ سڀني آيل مهمانن پريس، صحت کاتو، پوليس ، صحافين ٽي ايم او ڏوڪري پروگرام ۾ تعاون ڪرڻ جو شڪريو ادا ڪيو.جڏهن ته تقريب کي خطاب ڪندي محمد اسلم شيخ مئير لاڙڪاني چيو ته مان چيمپئين شپ جي ڪاميابي تي ڪيڊ ٽ ڪاليج لاڙڪاڻو کي مبارڪ ٿو ڏيان هن چيو ته اسان جي نو جوانن کي تعليم تربيت سان راندين تي به  خاص خيال رکڻ گهرجي.هن چيو ته اسان وٽ راندين جا ميدان ڀريل هوندا ته اسپتالون خالر رهنديون.هن چيو ته نو جوان نه صرف تعليم پر راندين ذريعي به ملڪ جي خدمت ڪري سگهون ٿا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *