پورٽ قاسم اٿارٽي ۾ غير قانوني ڀرتي ڪيل ملازمن خلاف ڪارروائي جو حڪم

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سپريم ڪورٽ جي جسٽس انور ظهير جمالي پورٽ ۽ شپنگ جي اڳوڻي وفاقي وزير بابر غوري جي وزارت واري دور ۾ پورٽ قاسم اٿارٽي ۾ 2 گريڊ کان 21 هين گريڊ تائين غير قانوني طور ڀرتي ڪيل ملازمن خلاف ڪارروائي جو حڪم ڏيندي، اڪلايل ڪيس کي ٻيهر کوليندي ڄاڻايل ملازمن خلاف ڪارروائي بابت عدالتي حڪمن تي عملدرآمد لاءِ فل بئنچ جوڙڻ جي سفارش ڪري ڇڏي آهي. عدالت اهڙو حڪم گذريل ڏينهن پورٽ قاسم اٿارٽي جي اڳوڻي سيڪريٽري جاويد جبار ميمڻ پاران داخل ڪيل درخواست تي ڏنو. جنهن ۾ سندس پاران اهو موقف  اختيار ڪيو ويو هو ته پورٽ ۽ شپنگ جي اڳوڻي  وفاقي وزير بابر غوري جي وزارت واري دور ۾ پورٽ قاسم اٿارٽي ۾ قائدن جي خلاف ورزي ڪندي 2 گريڊ کان 21 هين گريڊ تائين  1091 ملازمن کي ڀرتي ڪيو ويو، جنهن خلاف سپريم ڪورٽ پاران انڪوائري جو حڪم ڏيڻ تي پورٽ ۽ شپنگ جي وفاقي سيڪريٽري ڄاڻايل ڀرتين ۾ قائدن جي خلاف ورزي ٿيڻ جي تصديق ڪئي، جنهن تي عدالت وفاقي سرڪار ۽ پورٽ قاسم جي چيئرمين کي انهن ملازمن خلاف قانون مطابق ڪارروائي جو حڪم ڏنو ۽ ان سان گڏو گڏ پورٽ قاسم اٿارٽي ۾ ڀرتين، ترقين ۽  ڪانٽريڪٽي ملازمن کي ريگيولر ڪرڻ خلاف منع نامو جاري ڪيو پر ان باوجود وفاقي سرڪار ۽ پورٽ قاسم اٿارٽي جي انتظاميه اهڙي حڪم تي عملدرآمد نه ڪيو جنهن خلاف عدالت ۾ توهين عدالت جي درخواست داخل ڪئي وئي جنهن تي پورٽ قاسم جي موجوده چيئرمين آغا جان اختر ۽ پورٽ ۽ شپنگ واري اڳوڻي سيڪريٽري حبيب الله خٽڪ عدالت کان غير مشروط معافي طلب ڪندي عدالتي حڪمن تي عملدرآمد لاءِ حلف ناما داخل ڪيا جنهن تحت اڳوڻي وفاقي سيڪريٽري حبيب الله خٽڪ پورٽ قاسم ۾ غير قانوني طور ڀرتي ڪيل ڪجهه اعليٰ آفيسرن کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪيا پر حبيب الله خٽڪ جي رٽائرمينٽ کان پوءِ انهن خلاف وڌيڪ ڪارروائي روڪي وئي جيڪا هن وقت تائين تڪميل تي نه پهچي سگهي آهي ۽ عدالت جي حڪم تي غير قانوني طور ڀرتي ڪيل ملازمن کي فارغ نه ڪيو ويو پر ان کان پوءِ پورٽ قاسم جي موجوده چيئرمين شڪارپور جي اڳوڻي ڊپٽي ڪمشنر ڪاظم جتوئي ۽ اڳوڻي ايس ايس پي ڊاڪٽر نجف مرزا کي ڊائريڪٽر جي عهدن تي مقرر ڪري ڇڏيو آهي جيڪو پڻ قانون جي خلاف آهي. داخل ڪيل درخواست ۾ عدالت کي گذارش ڪئي وئي آهي ته پورٽ قاسم اٿارٽي ۾ غير قانوني ڀرتين خلاف ڪارروائي جو يقين ڏيارڻ جي بنياد تي اڪلايل ڪيس کي ٻيهر بحال ڪيو وڃي ۽ پورٽ قاسم جي چيئرمين ۽ ٻين خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *