ڪوئيٽا ۾ اي پي سي، دشمن پاڪ – چين اقتصادي لنگهه رٿا کي تباهه ڪرڻ گهرن ٿا: نواز شريف وزيراعظم

ڪوئيٽا (بيورو) وزيراعظم ميان نواز شريف، چين جِي مدد سان ڀارت جَي ارادن کي مٽيءَ ۾ ملائڻ جو عزم ظاهر ڪندَي چيو آهي ته دشمن پاڪستان کي خوشحال نٿا ڏسڻ چاهين، قوم کي ورهائڻ لاءِ مستونگ جهڙا واقعا ڪندڙ دهشتگردن جَي مڪمل خاتمي تائين آپريشن ضرب عضب جاري رکيو ويندو. ڪوئيٽا ۾ مستونگ سانحي تي گهرايل آل پارٽيز ڪانفرنس کي خطاب ڪندي نواز شريف چيو ته مستونگ سانحو انتهائي افسوسناڪ آهي، جنهن جي جيتري مذمت ڪجي گهٽ آهي. وزيراعظم چيو ته دشمن مستونگ واقعن جهڙيون ڪارروايون ڪري پاڪستان کي ڪمزور ۽ قوم کي ورهائڻ چاهين ٿا. ميان نواز شريف چيو ته ن ليگ سرڪار ملڪ مان دهشتگردي ۽ انتهاپسندي جَي خاتمي لاءِ پرعزم آهي. هـُن چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان جو 110 ارب ڊالرز جو نقصان ٿي چڪو آهي. وزيراعظم چيو ته آپريشن ضرب عضب کانپوءِ دهشتگرد ڀڄڻ تي مجبور ٿي ويا آهن، ملڪ مان دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين آپريشن جاري رکيو ويندو. اقتصادي راهداري بابت ڳالهائيندي نواز شريف چيو ته ڀارت پاڪ-چين اقتصادي راهداري تي اعتراض واريا آهن، جن کي چين رد ڪري ڇڏيو آهي. نواز شريف چيو ته پاڪ-چين راهداري تي ملڪ جون سموريون سياسي پارٽيون متحده آهن، ڪنهن ٻئي جي کين پرواهه ناهي. وزيراعظم چيو ته ڀارت نٿو چاهي ته پاڪستان ترقي ڪري پر هو دشمن جي اهڙن ارادن کي مٽيءَ ۾ ملائي پوءِ ئي سک جو ساهه کڻندا. بلوچستان جِي صورتحال تي ڳالهائيندي ميان نواز شريف چيو ته بلوچستان ۾ حالتون ماضي جي ڀيٽ ۾ ڪافي بهتر آهن، ڪوئيٽا جون رونقون جلد ٻيهر بحال ڪرايون وينديون. بلوچستان جي صورتحال تي گهرايل آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار علي، وفاقي وزير عبدالقادر بلوچ، مير ڄام ڪمال، وڏو وزير عبدالمالڪ بلوچ، صوبائي وزير ۽ ن ليگ، پشتون خواهه ملي عوامي پارٽي، جي يو آءِ، اي اين پي ۽ بي اين پي جَي مقامي اڳواڻن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. اي پي سي ۾ پاڪ فوج جو سربراهه جنرل راحيل شريف، ڊي جي آءِ ايس آءِ ليفٽيننٽ جنرل رضوان اختر، ڊي جي آءِ بي، ڪمانڊر سدرن ڪمانڊ ليفٽيننٽ جنرل ناصر جنجوعه ۽ آءِ جي ايف سي به شريڪ ٿيو. ان کان اڳ وزيراعظم ميان نواز شريف گورنر هائوس ڪوئيٽا ۾ اعليٰ سطحي اجلاس جِي صدارت پڻ ڪئي، جنهن ۾ مستونگ سانحي ۽ بلوچستان صورتحال تي غور ويچار ڪيو ويو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *