عمران سنجيده آهي ته 3 شرطون پوريون ڪري،چونڊ عمل چورائيندڙن کي پارٽي توڙي حڪومت مان نيڪالي ڏِئَي: پرويز رشيد

اسلام آباد (بيورو) وفاقي سرڪار جي ترجمان پرويز رشد چيو آهي ته عمران سنجيده آهي ته 3 شرطون پوريون ڪري،چونڊ عمل چورائيندڙن کي پارٽي توڙي حڪومت مان نيڪالي ڏِئَي. پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ پرويز رشيد چيو ته خيبرپختونخوا ۾ مڪاني چونڊن دوران بدترين ڌانڌليون ٿيون. پرويز رشيد چيو ته عمران خان سنجيده آهي ته پهريان 3 شرطون پوريون ڪري.وفاقي وزير پرويز رشيد چيو ته عمران خان خيبرپختونخوا ۾ مڪاني چونڊن وارو عمل چورائيندڙن کي پارٽي توڙي حڪومت مان نيڪالي ڏئي. پرويز رشيد وڌيڪ چيو ته عمران خان چونڊ نتيجا چوري ڪندڙن کي پارٽي جي ٽڪيٽ نه ڏئي ۽ چار جي ٽولي جو نالو ٻڌائي. وفاقي وزير چيو ته چار جي ٽولي مڪاني چونڊن دوران مرضي جا نتيجا حاصل ڪرڻ لاءِ ڪِريَل حربا استعمال ڪرڻ جو مشورو ڏنو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *