پوري ملڪ ۾ قائد اعظم محمد علي جناح رحه جو 142 هون جنم ڏينهن جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو، باني پاڪستان کي شاندار ڀيٽا پيش،قائد اعظم جي اصولن تحت ملڪ کي مضبوط بڻائي سگهجي ٿو: سياسي/ عسڪري قيادت

اسلام آباد/ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ باني قائد اعظم محمد علي جناح جو 142 هون جنم ڏهاڙو جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو، ڏينهن جي شروعات فجر جي نماز بعد خاص دعائن سان ٿي، اسلام آباد ۾ 31 ۽ صوبائي گادي واري هنڌن تي 21،21 توبن جي سلامي ڏني وئي، قائد اعظم محمد علي جناح جي 142 هين جنم ڏهاڙي تي سڄي ملڪ ۾ عام موڪل رهي،  پاڪستان ملٽري اڪيڊمي ڪيڊٽس جي دستي قائد اعظم محمد علي جناح جي مزار تي گارڊز جا فرض سنڀاليا. ان موقعي تي خاص مهمان ميجر جنرل اختر نواز ستي پاڪستان ملٽري اڪيڊمي گارڊ جو معائنو ڪيو. مزار قائد تي گلن جي چادر چاڙهي ۽ فاتحه خواني ڪئي، جڏهن ته شهرين جي وڏي انگ به تقريب ۾ شرڪت ڪئي. سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه ۽ گورنر سنڌ محمد زبير پڻ قائد اعظم محمد علي جناح جي مزار تي حاضري. صدر ممنون حسين پنهنجي پيغام ۾ چيو ته مختلف شعبن ۾ پيش ڏکيائين کي قائد اعظم جي اصولن جي روشني ۾ قانون ۽ آئين تي عملدرآمد ڪري ئي ضابطو آڻي سگهي ٿو. ٻيئ طرف وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو ته قائد اعظم سڄي عمر مضبوط دليلن ۽ جمهوري اصولن جي بنياد تي هندستان جي مسلمانن جي مذهبي، سماجي ۽ اقتصادي حقن توڙي سڃاڻپ لاءِ ڪيس وڙهيو، قائد جي فڪر ۽ خيالن جي روشني ۾ هڪ مضبوط ۽ ترقي ڪندڙ ملڪ لاءِ جدوجهد ڪرڻ گهرجي..وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته ملڪي ترقي لاءِ تعصبن کان هٽي ڪري ٻڌيءَ جو مظاهرو ڪرڻو پوندو، قائد اعظم جي اصولن کي زندگيءَ جو مقصد بڻائڻو آهي. پشاور جي اسلاميه ڪاليج ۾  تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو ته ڊسپلين جي اصولن تي عمل ڪندي شاگردن شاندار ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن. هن چيو ته قائد اعظم کي ڀارت جي تاحيات گورنر جي آڇ ٿي پر هن انڪار ڪيو. سندس چوڻ هو ته قائد اعظم محمد علي جناح وٽ ڪوبه هٿيار نه پر تعليم جي طاقت هئي. وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو ته قائد اعظم جي اصولن کي اختيار ڪيو وڃي ته پاڪستان ڪنهن ملڪ کان پوئتي نه هوندو. هن چيو ته پاڪستان جي هر ضلعي ۾ يونيورسٽي ٺاهڻ جو پڪو پهه ڪيو آهي. سندس چوڻ هو ته تعليم کي هٿي ڏيڻ ۾ اعليٰ تعليمي ڪميشن جو ڪردار تمام گهڻو اهم آهي. وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو ته حقيقي ترقي تعليم جي ترقي کانسواءِ ممڪن ئي ناهي. هن چيو ته تعليم کان وڌيڪ ٻي ڪابه سيڙپڪاري ناهي، ٻئي طرف  آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه قائد اعظم محمد علي جناح جي 142 هين پيدائش جي ڏهاڙي تي کيس ڀيٽا پيش ڪئي آهي. آءِ ايس پي آر جي ڊائريڪٽر جنرل آصف غفور ٽوئيٽر تي پيغام ۾ چيو ته پاڪستان جي هٿياربند فوج قائد اعظم محمد علي جناح کي ڀيٽا پيش ڪري ٿي. آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه چيو ته قائد اعظم محمد علي جناح انساني قدرن ۽ سماجي انصاف جو موقف پاڪستان قائم ٿيڻ جو بنياد بڻيو ۽ اهڙي ويزن تي عمل ڪندي پاڪستان کي محفوظ ۽ مضبوط بڻائي سگهون ٿا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *