ڪلڀوشن يادو سان گهر ڀاتين جي ملاقات، پاڪستان واعدو پورو ڪري ڇڏيو

اسلام آباد/راولپنڊي( ويب ڊيسڪ ) ڀارتي جاسوس ڪلڀوشن ياديو جي سندس امڙ ۽ گهر واريءَ سان ملاقات ڪرائي وئي. ڪلڀوشن ياديو جي امڙ آونتي سوڌي ياديو ۽ گهر واري چينتڪاوي ياديو دبئي کان خانگي اڏام اي ڪي 612 ذريعي بينظير ايئرپورٽ پهتيون. خاص سڪيورٽي پلان  اوچتو تبديل ڪري ڪلڀوشن جي گهر وارن کي اسلام آباد  ۾ ڀارتي هاءِ ڪميشن پهچايو ويو.ڪجهه دير کانپوءِ  ڪلڀوشن ياديو جي گهر وارن کي پرڏيهي آفيس ۾ آندو ويو جتي سندن ملاقات ڪرائي وئي. ملاقات دوران ڀارتي ڊپٽي هاءِ ڪمشنر جي پي سنگهه به ساڻن گڏ آهي. ملاقات 2 وڳي 18 منٽن تي شروع ٿي جيڪا 40 منٽن تائين جاري رهي. ڪلڀوشن ياديو جي گهر وارن سان ملاقات لاءِ خاص ڪمرو تيار ڪيو ويو جنهن ۾ شيشو لڳايو ويو. شيشي جي هڪ پاسي ڪلڀوشن ياديو ويٺل رهيو جڏهن ته ٻي پاسي سندس امڙ، گهر واري ۽ ڀارٽي ڊپٽي هاءِ ڪمشنر ۽ پرڏيهي آفيس انڊيا ڊيسڪ جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر فريحا موجود رهي. ملاقات جي وڊيو رڪارڊ به ڪئي وئي، جاسوس پنهنجي ڪٽنب سان انٽر ڪام ذريعي ڳالهايو. ٻئي طرف پرڏيهي آفيس ٻاهر سڪيورٽي انتظام سخت ڪيا ويا آهن جڏهن ته واڪ ٿرو گيٽس به لڳايا ويا ، ملاقات کانپوءِ ٻئي عورتون ساڳي ڏينهن واپس روانيون ٿي وينديون. ٻئي طرف پرڏيهي آفيس جي ترجمان ڊاڪٽر فيصل ڪلڀوشن ياديو کي قونصلر تائين پهچ ڏيڻ جي ترديد ڪئي آهي. هن چيو ته ملاقات ۾ ڀارتي سفارتخاني جي آفيس جي موجودگي قونصلر تائين پهچ ناهي. سندس چوڻ هو ته ڪلڀوشن ياديو جي ملاقات انساني همدردي جي بنياد تي ڪرائي پئي وڃي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته ڪلڀوشن جي گهر ڀاتين سان ملاقات آخري ناهي. ڊاڪٽر فيصل چيو ته  پاڪستان پنهنجو واعدو پورو ڪيو آهي.پرڏيهي کاتي جي ترجمان ڊاڪٽر محمد فيصل چيو آهي ته اسلام اسان کي رحمدلي جو درس ڏئي ٿو، ڀارتي جاسوس ڪلڀوشن ياديو کي انساني همدردي جي بنياد تي ملاقات جي اجازت ڏني وئي آهي. ڀارتي درخواست تي زال سان گڏ سندس ماءُ کي به ملاقات جي اجازت ڏني ۽ بعد ۾ درخواست تي ملاقات جو وقت به وڌايو ويو جڏهن ته قونصل تائين پهچ ناهي ڏني وئي ڇو ته قونصل کي ڪجهه به ٻڌڻ ۾ نه آيو ۽ نه ئي هن کي ڳالهائڻ جو موقعو ڏنو ويو. هو رڳو تبصرو ڪندڙ جي حيثيت سان موجود رهيو. ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي هن چيو ته ڀارتي جاسوس ڪلڀوشن ياديو فرنٽيئر ورڪس آرگنائيزيشن جي ڪيترن ئي اهلڪارن تي ڪوئيٽا ۽ تربت ۾ حملن جو اعتراف ڪيو، ان کان سواءِ ڪلڀوشن مهراڻ بيس تي حملي ۾ پابندي مڙهيل تنظيم تحريڪ طالبان جي مدد جو اعتراف ڪيو. پرڏيهي کاتي جي ترجمان چيو ته ڀارتي جاسوس ڪلڀوشن ياديو 17 ڀيرا پاڪستان ۽ ڀارت آيو ويو، ڀارتي جاسوس ڪلڀوشن پاڪستان ۾ دهشتگردي جو چهرو آهي، ڪلڀوشن پاڪستان ۾ دهشتگرد ڪارروائين جو اعتراف ڪيو. ڊاڪٽر محمد فيصل چيو ته دهشتگرد ڪلڀوشن کي ڪيس ۾ صفائي جو موقعو ڏنو ويو، ميڊيڪل رپورٽ موجب ڀارتي جاسوس ڪلڀوشن ياديو مڪمل صحتمند آهي. هن ٻڌيو ته ملاقات جو وقت 30 منٽ هو پر ڪلڀوشن جي ماءُ جي درخواست تي وقت وڌائي 40 منٽ ڪيو ويو.

 

ٻئي طرف  ڀارتي جاسوس ڪلڀوشن ياديو ۽ ان جي والده ملاقات ڪرائڻ تي پاڪستاني اختيارين جو شڪريو ادا ڪيو. گرفتار ڀارتي جاسوس ڪلڀوشن ياديو پنهنجي وڊيو پيغام ۾ چيو آهي ته 2 سال اڳ بارڊر پار ڪري ايران کان پاڪستان داخل ٿيس.مان ڀارتي خفيه ايجنسي را لاءِ ڪم ڪري رهيو هوس ۽ پاڪستاني سيڪيورٽي ادارن جي هٿان بلوچستان مان گرفتار ٿيس.ڀارتي جاسوس چيو ته گرفتاري کانپوءِ پاڪستاني اختيارين مون سان عزت سان پيش آيا ۽ مون تي ڪوبه تشدد نه ڪيو.ڪلڀوشن ياديو چيو ته مون پاڪستاني اختيارين کان انساني همدردي جي بنياد تي ملاقات جي درخواست ڪئي هئي.مان پاڪستاني اختيارين جو شڪرگذار آهيان جو انهن منهنجي درخواست کي قبول ڪيو ۽ گهروارن سان ملاقات ڪري.ٻئي طرف ڪلڀوشن ياديو جي والده به پٽ سان ملاقات ڪرائڻ تي پاڪستاني اختيارين جو شڪريو ادا ڪيو

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *