ڪمند جي آبادگارن جو شهيدن جي مزار تي احتجاج رنگ لائيندو..؟

سنڌ ۾ سوين ايڪڙن تي پوکيل ڪمند جو فصل شگرملن جي بند ٿيڻ ڪري سڪڻ لڳو، آبادگار ڪمند جو اگهه 182 رپيا نه ملڻ سبب پريشان ٿي ٻيهر احتجاجي تحريڪ هلائڻ لاءِ تياري ڪرڻ لڳا، 28 ڊسمبر تي لاڙڪاڻي۽ خيرپور سان لاڳاپيل آبادگار شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي مزار تي پهچي حڪومت کي اپيل ڪندا ته ڪمند جو اگهه 182 رپيا ڏياريو وڃي، 22 شگرملن ۾ پيڙائي لاءِ ڪمند موجود هو، جنهن جي مل مالڪن پيڙائي مڪمل ڪري ٻيهر ملن کي بند ڪري ڇڏيو ۽ وڌيڪ ڪمند وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي.

خيرپور ۽ لاڙڪاڻي سان واسطو رکندڙ آبادگارن جو چوڻ آهي ته شگرملن جي بند ٿيڻ ڪري سڄي سنڌ ۾ سوين ايڪڙن تي ڪمند سڪي رهيو آهي، 28 ڊسمبر تي ميڙ منٿ قافلو شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي مزار تي وٺي وينداسين. سنڌ ۾ پ پ جي حڪومت آهي، اسان انهن کي اپيل ڪنداسين ته شگرملن کي پابند بڻايو وڃي ته انڊينٽ جاري ڪيو وڃي ته جيئن ڪمند شگرملن تائين پهچي سگهي، ٽنڊومحمد خان، ٽنڊوالهيار، ميرپورخاص، حيدرآباد، مٽياري، نوابشاهه، سانگهڙ، سکر، خيرپور ۽ نوشهروفيروز ضلعن سان لاڳاپيل علائقن ۾ ڪمند جي واڍي نه ٿيڻ ڪري متاثر آبادگار ڪڻڪ جي به پوکائي نه ڪري سگهيا آهن، جنهن جي ڪري آبادگار سخت پريشاني واري صورتحال کي منهن ڏئي رهيا آهن، آبادگارن تنظيمن سول سوسائٽي ۽ سياسي تنظيمن طرفان احتجاجن ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪم باوجود آبادگارن جي کي ڪمند جو اگهه في مڻ 182 رپيا نه ملي سگهيو،

ايوان زراعت سنڌ جي اڳواڻ محمد خان ساريجو  موجب ته هاڻ ته ڊسمبر جو مهينو به ختم ٿيڻ وارو آهي ۽ ڪڻڪ جي پوکائي واري موسم به ختم ٿي چڪي آهي، پر آبادگارن کان شگرملن وارن ڪمند نه وٺي وڏي ناانصافي ڪئي آهي. آبادگارن پوکائي کان وٺي ڪمند جي تيار ٿيڻ تائين ڀاڻ کان وٺي ٻين خرچن جي مد ۾ لکين رپيا خرچ ڪيا آهن ۽ ڪمند جي وقت تي ڪٽائي نه ٿيڻ ڪري ڪمند سڪي رهيو آهي، آبادگار قرضي بڻجي رهيا آهن،

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *