پوري ملڪ ۾ڪومبنگ آپريشن جو اعلان، وڏي پئماني تي آپريشن ٿيندو: آرمي چيف

راولپنڊي (مانيٽرنگ ڊيسڪ)آرمي چيف جنرل راحيل شريف سڄي ملڪ ۾ ڪومبنگ آپريشن شروع ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.  ڪومبنگ آپريشن جتي ٿيندو وڏي پيماني تي ٿيندو. آپريشن دوران دهشتگردي جي اطلاع تي سڄو علائقو سيل ڪيو يوندو. ڪومبنگ آپريشن ذريعي سڄي ملڪ ۾ دهشتگردن جو پيڇو ڪيو ويندو،  پاڪ فوج جي جوانن جي قربانين کي قدر کي نظر ڏسي ٿي، جلد ملڪ مان دهشتگردي جو خاتمو ڪيو ويندو. آرمي چيف جنرل راحيل شريف فاٽا سميت ٻين علائقن مان دهشتگردن جا ٿاڪ ختم ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته قوم پاڪ فوج جي جوانن جي قربانين کي قدر کي نظر ڏسي ٿي، جلد ملڪ مان دهشتگردي جو خاتمو ڪيو ويندو.آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل راحيل شريف اتروزيرستان جي شوال واري علائقي جو دورو ڪيو.پاڪ فوج جي ترجمان موجب آرمي چيف جنرل راحيل شريف اتروزيرستان جو دورو ڪري جوانن سان ملاقات ڪئي.آءِ ايس پي آر موجب دوري دوران آرمي چيف کي ضرب عضب آپريشن جي آخري مرحلي بابت بريفنگ ڏني وئي.بريفنگ دوران آرمي چيف کي ٻڌايو ويو ته هيل تائين 800 ڪلوميٽر علائقو ڪليئر ڪرايو ويو آهي.آرمي چيف شوال ۾ دهشتگردن خلاف وڏي پيماني تي سرچ آپريشن شروع ڪرڻ جي هدايت ڪئي.ان موقعي تي آرمي چيف جو چوڻ هو ته فاٽا کان ٻاهر وڏي پيماني تي آپريشن شروع ڪري دهشتگردن ۽ سندن مددگارن جو ڳٺ جوڙ ختم ڪيو وڃي.جنرل راحيل شريف چيو ته قوم پاڪ فوج جي جوانن جي قربانين کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿي.هن چيو ته پوري قوم پاڪ فوج سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي گڏ بيٺل آهي.جنرل راحيل شريف چيو ته دهشتگردن کي پاڙان پٽي ملڪ ۾ امن قائم ڪيو ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *