پاناما ليڪس معاملو: حڪومت جو مخالف ڌر پارٽين کي اعتماد ۾ وٺڻ جو فيصلو

اسلام آباد(بيورو) وزيراعظم هائوس ۾ ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار جي صدارت هيٺ (ن) ليگ اڳواڻن ۽ وفاقي وزيرن جو اهم اجلاس ٿيو،  جلاس ۾ پاناما ليڪس معاملي تي مشاورت ڪئي وئي، .ميڊيا رپوٽ مطابق اجلاس ۾ وفاقي وزير پرويز رشيد، خواجا سعد رفيق، احسن اقبال ۽ ٻيا شريڪ ٿيا،  ذريعن موجب اجلاس ۾ پاناما ليڪس معاملي تي جاچ ڪميشن ۽ ٻين معاملن تي اهم ڳالهه ٻولهه ئي وئي، اجلاس دوران جسٽس ريٽائريڊ سرمد جلال عثماني  کي جاچ ڪيمٽي جو سربراهه بڻائڻ جي معاملي ۽ جسٽس پاران سامهون ايندڙ شرطن تي گڏيل خيالن جو اظهار ڪيو ويو، ذريعن جي دعوي! آهي ته حڪومت پاناما ليڪس معاملي تي ڀرپور مشاورت شروع ڪري ڇڏي آهي. حڪومت مخالف ڌر ۽ ٻين پارٽين جي پارلياماني ليڊرن کي اعتماد ۾ وٺڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. ذريعن جي حوالي سان ٻڌايو پيو وڃي ته حڪومت معاملي تي مخالف ڌر جي پارٽين سميت سمورين سياسي پارٽين سان ڳالهيون ڪري انهن کي اعتماد ۾ وٺندي. پاناما ليڪس جي جاچ لاءِ سمورن معاملن کي قطعي شڪل وزير اعظم نواز شريف جي وطن واپسي تي ڏني ويندي، جڏهن ته معاملي تي سپريم ڪورٽ بار ايسو سي ايشن ۽ پاڪستان بار ڪائونسل سان به مشاورت ڪئي ويندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *