پاناما ليڪس معاملو: پ پ پاران رٽائرڊ ججن جي جاچ قبول نه ڪرڻ جو اعلان

ملير(ناز شر) اطلاعات کاتي جي صوبائي صلاحڪار مولابخش چانڊيو چيو آهي ته پاناما ليڪس جي معاملي تي رٽائرڊ ججن جي جاچ قبول نه ڪئي ويندي. سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس کان جاچ ڪرائي وڃي، سنڌ جي وزير اعظم ۽ پنجاب جي مخصوص علائقن سان تعلق رکندر وزير اعظم ۽ وزيرن لاءِ الڳ الڳ قانون جوڙيو ويو آهي، لاهور سانحي ملڪ جي ڀتين کي لوڏي ڇڏيو آهي. 3 ڏينهن حڪومت سڪتي ۾ هئي، جنرل راحيل شريف آپريشن شروع ڪرايو، 3 ڏينهن تائين حڪومت کي خبر ئي نه هئي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ملير پريس ڪلب ۾ شهيد بينظير ڀٽو آڊيٽوريم جو سنگ بنياد رکڻ واري تقريب  کي خطاب ڪندي ۽ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. مولا بخش چانڊيو چيو ته پيپلز پارٽي جو آزاد صحافت ۾ وڏو ڪردار آهي. اسان جو صحافت سان اڻٽٽ رشتو آهي. صحافت جو سوسائٽي ۾ اهم ڪردار آهي، پاڪستان ۾ صحافي وڏي مشڪل سان صحافت ڪن ٿا. هن ملڪ ۾ سچ لکڻ ۽ ڳالهائڻ ڏکيو آهي. جيڪو سچ لکي ٿو ان کي وڏي قيمت ادا ڪرڻي پوي ٿي. ڪيترائي صحافي حق ۽ سچ لکندي شهيد ڪيا ويا آهن. هن چيو ته پيپلز پارٽي هر وقت صحافين سان گڏ ڪٽهڙي ۾ بيهڻ لاءِ تيار آهي. هن شهباز شريف ڏاهن اشارو ڪندي چيو ته ڪالهه جيڪي ڪرپشن جي ڳالهه ڪري رهيا هئا اڄ خاموش آهن. ڇا اهي نواز شريف ۽ ڀائٽي خلاف هڪ لفظ به نه ٿو ڳالهائي سگهي. شهباز شريف سميت سموري ڪابينا کي نانگ سنگهي ويو آهي. نواز شريف پٽ جي ڪرپشن سبب ملڪ ڇڏي ويو آهي. ٻڌايو وڃي ته ڪمپنين ۽ پيسن بابت عوام کي حقيقت کان آگاهه ڪيو وڃي. لڪڻ نه گهرجي. هاڻ نواز شريف بچي نه سگهندو. هن چيو ته هڪ ڇوٽو سموري پنجاب کي لوڏي ڇڏيو آهي سنڌ پوليس خلاف ڳالهائيندڙ  پنجاب ۾ هڪ ڇوٽو آڏو بيوس بڻيل آهن. هن چيو ته پنجاب ۾ آپريشن ڪرڻ نه پيو ڏنو وڃي. لاهور جي سانحي ملڪ جي ڀتين کي لوڏي ڇڏيو آهي. ٽن ڏينهن تائين حڪومت سڪتي ۾ هئي. جنرل راحيل شريف پنجاب ۾ آپريشن شروع ڪرايو. ٽن ڏينهن تائين پنجاب حڪومت بيخبر هئي. مولا بخش چانڊيو چيو ته بيماري جو بهانو ڪري ٻاهرين ملڪ ويندڙ نواز شريف هڪ ڏينهن اسپتال ۾ داخل ٿيو، ٻئي ڏينهن تي شاپنگ پيو ڪري عوام کي بيوقوف نه بڻايو وڃي. پاناما ليڪس متعلق غير جانبدار تحقيقات ڪرائي وڃي. سٽنگ ججن کان فيصلا ڪرايا وڃن ٿا. رٽائرڊ جج ڪهڙو فيصلو ڏيندا. هن چيو ته رٽائرڊ ججن جو فيصلو قبول نه ڪيو ويندو. سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس کان جاچ ڪرائي وڃي. هن چيو ته بحران کي جيئن قوم چوي ٿي تئين حل ڪيو وڃي. هن چيو ته اسان جي ٻن وزير اعظمن کي عدالت گهرايو ۽ جيڪو فيصلو ڏنو قبول ڪيوسين، نواز شريف کي به عدالت ۾ وڃڻ گهرجي سنڌ سان تعلق  رکندڙ وزير اعظم ۽ پنجاب جي وزير اعظم خاص ڪري پنجاب جي مخصوص علائقن جي وزيرن لاءِ الڳ الڳ قانون جوڙيو ويو آهي. هن وڌيڪ چيو ته اسين جمهوريت جو تسلسل چاهيون ٿا. جمهوريت لاءِ ذوالفقار علي ڀٽو جيل ۽ ڦاهين جا ڦندا ڏٺا. مشرف آئين ٽوڙيو پر ان کي ٻاهر وڃڻ ڏنو ويو. سپريم ڪورٽ کي مداخلت ڪرڻ گهرجي. ملڪ جي وقار جو مسئلو آهي سمورن ادارن کي چوان ٿو انصاف جو بول بالا ڪن ۽ پي پي کي ڀت سان نه لڳايو وڃي. هن چيو ته بلاول ڀٽو سموري ملڪ جي تنظيم جي باڊي توڙي تاريخي ڪم ڪيو آهي. هاڻ ڪارڪنن کي ويلڪم ويلڪم بلاول ڀٽو جون ريليون ڪڍيون وڃن ۽ پروگرام ڪيا وڃن. تقريب کي پي پي اڳواڻن نذير ڀٽو، عديل اختر شيخ، ملير پريس ڪلب جي صدر طارق پٺاڻ ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.ان کان اڳ صوبائي صلاحڪار مولابخش چانڊيو ملير پريس ڪلب ۾ شهيد بينظير ڀٽو آڊيٽوريم هال جو پيڙهه جو پٿر رکيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *