پنهنجي پارٽي ۾ پاڻ کي مڃرائڻ ۽ پنهنجي جاءِ بڻائڻ جي لاءِ ڏاڍيون قربانيون ڏيڻيون پيون: مريم نواز جو انٽرويو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاڪستان مسلم ليگ ن جي اڳواڻ جو چوڻ آهي ته پنهنجي پارٽي ۾ پاڻ کي مڃرائڻ ۽ پنهنجي جاءِ بڻائڻ جي لاءِ کيس ڏاڍيون قربانيون ڏيڻيون پيون. وائس آف آمريڪا اردو جي صحافي کي ڏنل انٽرويو ۾ پاڪستان مسلم ليگ ن جي نائب صدر ۽ پارٽي جي تاحيات سربراهه نواز شريف جي ڌيءَ مريم نواز چيو ته هر معاشرو پوءِ ڀلي اُهو اولهه هجي يا اوڀر ان ۾ مختلف طريقن سان عورت سان نفرت تي ٻڌل ذهنيت موجود هوندي آهي. هن چيو ته جيڪا عورت عوام ۾ شهرت رکي ٿي خاص طور تي قيادت ۾ هوندي آهي ان کي مرد هم منصبن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ سخت تنقيد کي منهن ڏيڻو پوندو آهي. مريم نواز چيو ته اهڙين عورتن تي سخت تنقيد ٿيندي آهي ۽ انهن جي خلاف سخت راءِ قائم ڪئي ويندي آهي. هن چيو ته جيڪڏهن هڪ عورت جو ڪو نظريو ناهي، اصول، خيال آهي هو پهنجي لاءِ  ڪو ڪم ڪرڻ چاهي ٿي ته ان کي هميشه ٿوري شڪ سان ڏٺو ويندو. ليگي اڳواڻ چيو ته ڪڏهن اهڙين عورتن کي ناڪاري طور تي پرعزم طور تي ڏٺو ويندو آهي. مريم نواز چيو ته اسان کي عورتن جي ڪپڙن، جوتن ظاهر حالت تان ڌيان هٽائي ان جي قابلي ۽ ڪارڪردگي تي ڌيان آڻڻ ضرورت آهي. هن ٻڌايو ته کيس پنهنجي پارٽي ۾ به ان چيلينج کي منهن ڏيڻو پيو پوي. مريم نواز چيو ته ائين ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي ۽ مون کي پنهنجي پارٽي ۾ به ائين ڪرڻ جي ضرورت هئي ڇو ته پاڪستان مسلم ليگ ن تاريخي، روايتي ۽ حقيقي طور تي مردن جي چنبي هيٺ رهي آهي. سندس چوڻ هو ته پنهنجي پارٽي ۾ پاڻ کي مڃرائڻ جي لاءِ مون کي ڪيتريون ئي قربانيون ڏيڻيون پيون، مون کي هڪ عام ماڻهوءَ کان وڌيڪ محنت ڪرڻي پئي. مريم نواز چيو ته مون کي جيل وڃڻو پيو جتي آئون 3 مهينا رهيس اُتي مون ٿانو ڌوتا، ڪپڙا ڌوتا، ڪوئن واري ماني کاڌي آهي ۽ کٽ تي گذارو ڪيو آهي. مسلم ليگ ن جي نائب صدر چيو ته مون کي ان ڳالهه جو ڪو به افسوس ناهي، چيو ويندو آهي ته جيلن ۾ بهترين تربيتي اسڪول هوندا آهن، ته پوءِ منهنجي ته ڏاڍي سٺي ٽريننگ ٿي آهي. مريم نواز چيو ته هو جيل وڃڻ جي تجربي مان مضبوط ٿي آهي. هن چيو ته منهنجي پنهنجي پارٽي طرفان شايد ڪڏهن مزاحمت هجي يا مڃرائڻ لاءِ محنت ڪرڻي پئي هجي پر پاڪستان جو عوام مون کي جيڪو رد عمل ڏنو ان ۾ ڪڏهن به مون کي صنفي امتياز نظر ناهي آيو. ليگي اڳواڻ چيو ته آئون خوشگوار طور تي حيران ٿي هيس. هن تازو ئي منڊي بهاو الدين جي ريلي جو احوال بيان ڪيو جتي پارٽي ورڪرن جي هڪ وڏي انگ سندس پرجوش استقبال ڪيو، رستي ۾ مختلف ماڳن تي استقبال جي ڪري سندس قافلو دير جو شڪار ٿي ويو هو. مريم نواز چيو ته آئون گاڏي کان ٻاهر نڪتس مون کي ماڻهن جي ان بي مثال محبت جو جواب ڏيڻو پي، هن وڌيڪ چيو ته ماڻهن مون کي چيو ته پاڻ کي خطري ۾ ڇو وجهي رهيا آهيو. مسلم ليگ ن جي نائب صدر چيو ته انهن 13 ڪلاڪن جي ريلين ۾ رڳو هڪ شئي آهي عوام جي محبت ۽ حمايت. مريم نواز چيو ته هاڻ هوءَ احتجاجي ريليون ڪڍندي جيڪي نه رڳو سندس پيءُ ۽ اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف جي آزادي پر قانون جي بالادستي آئين جي تقدس لاءِ، ووٽ کي عزت ڏيڻ لاءِ، ان سان گڏوگڏ ميڊيا ۽ عام ماڻهو تي پابندي جي خلاف هونديون. هن چيو ته جيئن شيون تبديل ٿينديون، آئون پنهنجي حڪمت عملي سامهون آڻيندس. مسلم ليگ ن جي اڳواڻ چيو ته منهنجي ڪا به ذاتي خواهش ناهي جنهن کي آئون ڪاميابي ۽ ناڪامي جي طور تي پيمائش ڪري سگهان، منهنجي هڪ جدوجهد آهي. مريم نواز چيو ته جيڪو رستو مون اختيار ڪيو آهي ته اُهو ڏاڍو ڏکيو آهي ۽ مون گذريل 3 سالن ۾ مون ان جي ڳري قيمت ادا ڪئي آهي. سندس چوڻ هو ته گذريل ڪجهه سالن ۾ کيس چيلنجن کي منهن ڏيڻو پيو، هن چيو ته منهنجي خلاف ڊان ليڪس، پاناما ليڪس منهنجي مٿان بڻيا جنهن سان منهنجو ۽ نواز شريف جو ڪو به تعلق نه هو، ان کان پوءِ احتساب عدالت سزا ٻڌائي، مون 3 مهينا جيل ڪاٽيو ان دوران منهنجي ماءُ لاڏاڻو ڪري وئي منهنجو پيءُ جيڪو 3 ڀيرا وزير اعظم بڻيو، ان جي عمر 70 سال آهي بيمار آهي اڄ هو جيل ۾ آهي. نواز شريف جي ڌيءَ چيو ته اِهو رستو ڏاڍو ڏکيو آهي پر منهنجي لاءِ مريم نواز هئڻ جي ناطي اهو اهم آهي ته آئون تاريخ ۾ درست رخ ۾ بيٺي آهيان. احتساب عادلت جي جج ارشد ملڪ بابت تازي ويڊيو اسڪينڊل بابت ڳالهائيندي مريم نواز چيو ته العزيزيه ريفرنس ۾ جنهن ج نواز شريف کي سزا ٻڌائي اُهي پاڻ چئي رهيا آهن ته کين بليڪ ميل ڪيو ويو هو. مريم نواز چيو ته جج صاحب نه رڳو اِهو چئي رهيا آهن پر هو وضاحت به ڏئي رهيا آهن ته ڪهڙي ريت انهن کي ذاتي نوعيت جي هڪ غير اخلاقي ويڊيو ڏيکاري وئي ۽ نواز شريف کي سزا ڏيڻ جي لاءِ بليڪ ميل ڪيو ويو، توهان ان جي هن غير اخلاقي ويڊيو بابت ڄاڻو ٿا. سندس چوڻ هو ته اسان ان کي ڪنهن هڪ تي ٻڌل نٿا ڏسي سگهون ڇو ته اِهو ڪوڙ جو ڄار آهي ۽ اهڙن واقعن جو سلسلو آهي جيڪو نواز شريف جي خلاف فيصلي تي اچي ختم ٿيو آهي جنهن ۾ کيس سزا ڏني وئي آهي. مريم نواز چيو ته پاناما کان شروع ٿيل سازشون اقامي تي وڃي ختم ٿيون، اقامي کي دنيا ڄاڻي ٿي ته هو رهائشي ويزا آهي ۽ ان ۾ هڪ تصوراتي پگهار نه وٺڻ تي 22 ڪروڙ عوام جي وزير اعظم کي نااهل ڪيو ويو. هن چيو ته ڳالهه اِتي ختم نٿي ته پوءِ جي آءِ ٽ بڻي اِها سڀني کي خبر آهي ته ڪيئن بڻي ان کان پوءِ ججن کي احتياط سان چونڊيو ويو جنهن ۾ ججن جي ريڪارڊ کي ڏٺو ويندو آهي ته انهن مان ڪنهن کي بليڪ ميل ڪري سگهجي ٿو. مسلم ليگ ن جي نائب صدر چيو ته احتساب عدالت جون پيشيون 6 کان 8 مهينن تائين جاري رهيون جنهن ۾ 120 ڀيرا پاڻ اُتي موجود هيس. سندس چوڻ هو ته اِهي جج چونڊيا ويا ۽ سڄي گيم پلان تي عملدرآمد ڪيو ويو. مريم نواز افسوس جو اطهار ڪيو ته بدقسمتي سان ان سڀ ۾ ميڊيا جا ميديا جا ڪجهه عنصر به شامل هئا. وڌيڪ ثبوت پيش ڪرڻ بابت پوئتي هٽڻ بابت سوال جي جواب ۾ مريم نواز چيو ته آئون پوئتي ناهيان هٽي رهي، آئون رڳو ذميواري سان ڪم ڪري رهي آهيان. هن چيو ته آئون پنهنجي پيءُ لاءِ مرڻ لاءِ به تيار آهيان پر آئون هڪ پاڪستاني به آهيان ۽ منهنجو مقصد ادارن سان وڙهڻ ناهي. مريم نواز چيو ته منهنجو مقصد آهي ته پاڪستان ۾ قانون تي عمل ٿئي ۽ پاڪستان ۾ جمهوري اصولن کي مضبوط بڻايو وڃي. سول ملٽري لاڳاپن ۾ عدم توازن بابت سوال تي مريم نواز چيو ته اول اِهو ته عدم توازن ٿيڻ ئي نه گهرجي. مسلم ليگ ن جي نائب صدر چيو ته آئين ۾ هر اداري جو ڪردار، دائري ڪار ۽ اٿارٽي واضح طور تي بيان ڪئي وئي آهي. مريم نواز چيو ته جيڪڏهن ان توازن کي طاقت جي ذريعي زبردستي هڪ پاسي جهڪائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته ان سان عدم تواز پيدا نه ٿيندو پر اِها هڪ تباهي هوندي جيڪا اسان هاڻ ڏسي رهيا آهيون. سندس چوڻ هو ته بدقسمتي سان پاڪستان جي تاريخ ۾ جمهوريت ڪڏهن سڌي سنئين ۽ ڪڏهن بلاواسطه طريقي سان معطل رهي آهي. مسلم ليگ ن جي اڳواڻ چيو ته پاڪستان ۾ ڪڏهن به جمهوريت کي صحيح طريقي سان زور پڪڙڻ جي اجازت ناهي ڏني وئي. هن چيو ته ڪو به ملڪ جيڪو سياسي طور تي غير مستحڪم هجي ترقي نٿو ڪري سگهي. مريم نواز چيو ته هاڻ 2019ع ۾ 2018ع جي اليڪشن کان پوءِ اسان جيڪو ڪجهه ڏسي رهيا آهيون اُها آمريت نه يا ملٽري ٽيڪ اوور نه پر سليڪٽڊ وزر اعظم جي صورت ۾ ان جي باقيات ۽ علامتون ڏسي رهيا آهيون. هن سوال ڪيو ته وزير اعظم عمران خان سليڪٽڊ وزير اعظم کان ڊنل ڇو آهي؟ مريم نواز چيو ته کيس پاڪستان جي عوام ناهي چونڊيو ۽ اِهو رڳو آئون ناهيان چئي رهي پر سڄي دنيا ڏسي رهي آهي. مسلم ليگ ن جي نائب صدر چيو ته کيس اِهو لفظ ايترو خراب ڇو ٿو لڳي؟ ان جو مطلبو اِهو آهي ته هي سڀ سچ آهي. سندس چوڻ هو ته رڳو سچ کان ڊپ لڳندو آهي ڪوڙ کان انسان کي ڊپ ناهي لڳندو. هن وڌيڪ چيو ته منهنجي باري ۾ هزار ڪوڙ ڳالهايا ويا پر جڏهن مون ڪجهه ڪيو ئي ناهي ته مون کي فڪر ڇا جي هجي. مريم نواز چيو ته پارليامينٽ ۾ لفظ سليڪٽڊ تي پابندي لاڳو ڪئي وئي، جيڪڏهن توهان سليڪٽڊ ناهيو ته پوءِ توهان کي تڪليف ڪهڙي آهي؟ هن چيو ته وزير اعظم سليڪٽڊ آهي، هو اليڪٽڊ ناهي. مسلم ليگ ن جي نائب صدر چيو ته وزير اعظم عمران خان کي 3 مرحلن ۾ سليڪٽ ڪيو ويو، پري اليڪشن مرحلو جيڪو شايد 2 سال پهرين شروع ٿيو هو پولنگ جي ڏينهن ڌانڌلي ۽ پولنگ کان پوءِ ڌانڌل ڪئي وئي جيڪا اڄ تائين جاري آهي. هن چيو ته پولنگ کان پوءِ ڪئي ويندڙ ڌانڌلي اڄ تائين جاري آهي جنهن تي ڪير انهن جي تاريخي ناڪامين، نالائقين ۽ نااهلي جي باري ۾ ڳالهائيندو ان جي زبان بند ڪئي ويندي. مريم نواز چيو ته ماضي ۾ به ڪڏهن ائين ناهي ٿيو ته اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ مون سميت سياسي اڳواڻن جي انٽرويوز ت پابندي نه لڳائي وئي هئي. هن چيو ته مارش: لا جڏهن لڳندي آهي ته اعلانيل هوندي آهي سڀني کي خبر آهي ته سڀ شيون معطل آهن پر اِها پهرين حڪومت آهي جنهن ۾ جمهوريت هوندي به بدترين سويلين مارشل لا، انساني حقن ۽ آزادي اظهار راءِ کي اڻ اعلانيل پابندي جي ذريعي معطل آهي نه رڳو مون تي پر هر ان مخالف تي جيڪو سچ ڳالهائڻ چاهي ٿو يا لکڻ چاهي ٿو. مريم نواز چيو ته سويلين مارشل لا، مارشل لا جو بدترين قسم آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *