ايڇ آءِ وي تي ڪنٽرول ۽ پکيڙجڻ کي روڪڻ لاءِ 600 ملين رپيا مختص، متاثرن جي بحاليءَ لاءِ ھڪ ارب فنڊ قائم ڪيو آھي: وڏو وزير

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آھي تھ سندس ايڇ آءِ وي تي ڪنٽرول ۽ ان جي پکيڙجڻ کي روڪڻ لاءِ 600 ملين رپيا مختص ڪيا آھن ۽ ايڇ آءِ وي کان متاثر ماڻھن جي بحاليءَ لاءِ ھڪ ارب رپين جو انڊومينٽ فنڊ پڻ قائم ڪيو آھي. ھن اھا ڳالھھ اڄ امريڪا جي ھڪ وفد گليڊ سائنسز سان ھڪ اجلاس جي صدارت ڪندي ڪئي، وفد جي اڳواڻي تنظيم جي نائب صدر ڪلفورڊ سيميول ڪري رھيو ھو، وفد جي ٻين ميمبرن ۾ سينئر ڊائريڪٽر ڏکڻ ايشيا مس ھيما سرينيوسن، سينئر ڊائريڪٽر گورنمينٽ افيئرز ايشيا پيسفڪ جو ڪيلوڊيو ليلن فيلڊ ۽ فيروز سنز ليب جي سي اِي او عثمان خالد وحيد شامل ھئا. وڏي وزير چيو تھ سندس جڏھن ضلعي لاڙڪاڻي جي شھر نئون ديرو ۾ ايڇ آءِ وي کان متاثر ڪجھھ ماڻھن بابت ٻڌو تھ انھن متاثر ماڻھن جي اسڪريننگ لاءِ خاص ٽيمون اماڻيون. ھن چيو تھ اسان معاملي کي ڌٻائڻ بدران علائقي جي ماڻھن جي اسڪريننگ ڪرڻ کي ترجيح ڏئي رھيا آھيون. مراد علي شاھھ چيو تھ 32151 ماڻھن جي اسڪريننگ ڪئي وئي جنھن مان 936 بشمول 770 ٻار ۽ 166 نوجوان ايڇ آءِ وي پازيٽوِ متاثر ھئا. ھن چيو تھ انھن 936 مريضن مان 47 سيڪڙو مرد ۽ 53 عورتون شامل آھن. وڏي وزير ايڇ آءِ وي مريضن جي ڄمار بابت ٻڌائيندي چيو تھ 936 ايڇ آءِ وي پازيٽِوِ ڪيسن ۾ 56 مريض 5 ورھين جي ڄمار جا آھن جڏھن تھ 26 سيڪڙو جي ڄمار 5 کان 14 ورھيا، 16 سيڪڙو 15 کان 45 ورھيا ۽ 2 سيڪڙو 45 کان وڌيڪ واري ڄمار آھي. وڏي وزير سندس حڪومت پاران ڪيل اپائن بابت ٻڌائيندي چيو تھ چلڊرين اسپتال لاڙڪاڻي ۾ نئون پيڊرياٽرڪ ٽريٽمنٽ سينٽر قائم ڪري رھيا آھيون ۽ اھڙو ھڪ سينٽر تعلقي اسپتال رتوديرو ۾ پڻ قائم ڪري رھيا آھيون. سنڌ بلڊ ٽرانسفيوزن اٿارٽي (ايس بي ٽي اي) غيرقانوني بلڊ بينڪ خلاف آپريشن شروع ڪيو آھي ۽ اتائي ڪلينڪن کي پڻ سيل ڪيو ويو آھي. ھن چيو تھ ان سان گڏ ڪجھھ ننڍا پروگرام جھڙوڪ ليڊي ھيلٿ ورڪرز، اي پي آءِ، نيوٽريشن، ايم اين سي ايڇ، ھيپاٽائيٽس بھ موئثر ريت رتوديرو ۽ لاڙڪاڻي ۾ جاري آھن. ھن چيو تھ اسان لاڙڪاڻي ۾ آٽو لاڪ سرنج بھ متعارف ڪرائي آھي. مراد علي شاھھ چيو تھ بين الاقوامي اين جي اوز ۽ يو اين ايجنسين جھڙوڪ يونيسيف، ڊبليو ايڇ او، يو اين ايڊ، جي ايف اي ٽي ايم، يو ايس ايڊ-جي ايس آءِ کي فني سھڪار لاءِ آن بورڊ ورتو ويو آھي. ھن چيو تھ آغا خان يونيورسٽي اسپتال، ايس آءِ يو ٽي ۽ ٻيا ادارا علاج، اسڪريننگ، لاڳاپيل ميڊيڪل آفيسرن ۽ ٽيڪنيڪل اسٽاف جي صلاحيتن ۾ واڌ ۾ سھڪار ڪري رھيا آھن. واضح رھي تھ ڊبليو ايڇ او مشن رتيديري، لاڙڪاڻي جو ھڪ ھفتي وارو دورو ڪيو ۽ ايڇ آءِ وي ٽريٽمنٽ سينٽرن تي ٽيسٽنگ ۽ علاج سميت فزيشن جي سکيا تي ڌيان ڏنو ويو. وڏي وزير ڊبليو ايڇ او واري ايڇ آءِ وي آئوٽ بريڪ بابت ٽي مشن جو اھتمام ڪرڻ ۽ 600 ايڇ آءِ وي پازيٽو ٻارن کي ٽن مھينن لاءِ ضروري دوائون فراھم ڪرڻ تي ٿورا مڃيا. ھن يونيسف، اين اي سي پي، گلوبل فنڊ، يو اين ايڊ، يو اين ايف پي اي، يو ايس ايڊ، نئين زندگي ٽرسٽ، اي ڪي يو ايڇ، ايس آءِ يو ٽي، ڊي يو ايڇ ايس ۽ اي پي ايل ايڇ آءِ وي جو بھ سندس حڪومت سان گڏ ايڇ آءِ وي جي پکيرجڻ کي روڪڻ ۽ متاثر ماڻھن جي علاج ۾ سھڪار ڪرڻ تي ٿورا مڃيا. گليڊ سائنسز جي نائب صدر ڪلفورڊ سيميول وڏي وزير کي سندس اداري پارنا سھڪار جي آڇ ڪئي. وڏي وزير سيڪريٽري صحت سعيد اعواڻ کي ھدايت ڪئي تھ گليڊ سائنسز جي وفد سان اجلاس منعقد ڪري ۽ جتي سندن سھڪار جي گھرج آھي ان تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وڃي. ھن چيو تھ مان سروسز ۾ ڊپليڪيشن نھ ٿو چاھيان پر ان جي جتي ضرورت ھجي اتي ان جي لازمي وضاحت ٿيڻ گھرجي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *