حڪومت گرفتارين ذريعي ناڪاميون لڪائڻ چاهي ٿي، اپوزيشن خلاف امتيازي احتساب قبولڻ جوڳو ناهي: بلاول ڀٽو زرداري

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جي فوري طور آزادي جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته اپوزيشن خلاف امتيازي احتساب قبولڻ جوڳو ناهي. شاهد خاقان عباسي جي گرفتاري تي ردعمل ڏيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته سليڪٽڊ حڪومت طرفان گڏيل اپوزيشن خلاف غير قانوني ۽ غير آئيني طريقن ذريعي امتيازي احتساب قبول نه ڪرڻ جوڳو آهي، ملڪي معيشت تي حڪومتي حملن خلاف اپوزيشن جو احتجاج نه بيهندو. هن چيو ته اڳوڻي وزيراعظم جي گرفتاري عوام جي چونڊيل نمائندن خلاف انتقامي ڪارروائين جو تسلسل آهي، سليڪٽڊ حڪومت سياسي مخالفن کي حراست ۾ رکي پنهنجي ناڪاميون لڪائڻ چاهي ٿي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *