پنهنجي زبان کي لغام ڏيو، ٻئي صورت ۾ لغام ڏيڻ اچي ٿو: وزيراعظم کي وارننگ

اسلام آباد (اين اين آءِ) پاڪستان مسلمليگ (ن) جي اپوزيشن ليڊر شهبازشريف ۽ جي يو آئي (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان وزيراعظم عمران خان کي خبردار ڪندي چيو اهي ته هو پنهنجي زبان کي قابو ۾ رکي ٻي صورت ۾ کين قابو ڪرڻ اچي ٿو. عمران خان پنهنجي اندر ۾ جهاتي پائي، تون ڊي چوڪ اچ اسان تيار آهيون، توکي ٽوٽا چٻرائينداسين بي اعتمادي رٿ ڪامياب نه ٿي ته معاملا گهٽين چوراهن تائين ويندا سياسي جنگ وڙهو سڄي دنيا جي اسيمبلين ۾ هوندو آهي تنهنجا هوش ڇو اڏامي ويا آهن بداخلاقي ڪرڻ ۽ گاريون ڏيندڙ شخص کي وزيراعظم نه ٿيڻ گهرجي. شهبازشريف مولانا فضل الرحمان سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ پارليامينٽ لاجز ۾ ٿيل واقعي سميت مختلف معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون ملاقات ۾ مريم اورنگزيب ۽ ڪامران مرتضيٰ سميت ٻيا اڳواڻ به موجود هئا ملاقات کان پوءِ صحافين سان ڳالهائيندي ميان شهبازشريفچيو ته مولانا صاحب سان افسوس ڪرڻ آيو هيس گذريل ڏينهن افسوسناڪ واقعو ٿيو پارليامينت لاجز ۾ جيڪو پيش آيو انصارالسلام سان ظلم ڪيو ويو هن ظلم جو تاريخ ۾مثال نٿو ملي هن چيو ته مولانا صاحب صبر ۽ تحمل جو مظاهرو ڪيو ۽ قانوني رستو ورتو شهبازشريف چيو ته عمران نيازي ڀاڳوڙو ٿي چڪو آهي ان جي حڪومت ڌانڌلي سان آئي آهي 22 ڪروڙ عوام جي خواهش کي نطر ۾ رکندي اسان آئين مطابق بي اعتمادي رٿ آندي آهي هن چيو ته عمران نيازي جيڪا زبان استعمال ڪئي آهي ان جي جيتري مذمت ڪئي وڃي گهٽ آهي هن خبردار ڪيو ته هو جيڪا زبان استعمال ڪري رهيو آهي ان کي لغام ڏي ٻي صورت ۾ اسان کي لغام وجهڻ ايندو آهي هن چيو ته اسان جمهوريت پسند ماڻهو آهيون ۽ جمهوريت جي استحڪام جي ڳالهه ڪريون ٿا شهبازشريف چيوت ه پوڻا 4 سال هي اسان کي چور ڦورو چوندو رهيو نوازشريف ۽ مولانا لاءِ ابتا سبتا لفظ ڳالهائيندو رهيو هن چيو ته قوم هن وقت ڏک ۾ آهي عمران نيازي پنهنجو پاڻ کي ڏسي ڪرپشن ان جي گهر ۾ آهي ان جي ڀيڻ وٽ ڪروڙين ڊالر جو گهر ڪٿان آيو هن چيو ته عمران خان جي وزيراعظم بڻجڻ کان پوءِ ايف بي آر کان ڪاغذات ٺيڪ ڪرايا ويا آهن هن چيو ته شوڪت خانم جو حساب ڏيو ميانوالي ۾ ٺهندڙ يونيورسٽي جو پئسو ڪٿان آيو بني گالا جي معاملي تي سپريم ڪورٽ تنهنجي مدد ڪئي تون چوين ٿو ته شهبازشريف بوٽ پالش ڪري ٿو تون ڇا ڪندو آهين هن چيوت ه پاڪ فوج قربانيون ڏنيون آهن پاڪ فوج جي جوانن ۽ آفيسرن وطن لاءِ پنهنجا سر ڏنا آهن عمران خان انهيءَ فوج جي خلاف لنڊن ۾ ويهي  دشمني ڪندو رهيو ان جي وڊيو سڄي دنيا ڏٺي آهي هن عمران خان کي مخاطب ٿيندي چيو ته تون بوٽ پالش جي ڳالهه ڪرين ٿو مان اٽڪ جيل ۾ نوازشريف سان گڏ رهيس ملير جيل ۾رهيس مان مشرف دور ۾ نوازشريف سان جلاوطني ڏٺي هن چيو ته اوهان حرام ۽ هلال جي ڳالهه ڪريون ٿا حرام جي ڪمائي ته تون کائين ٿو بني گالا ۾ جيڪو ڪجهه ٿئي ٿو سڄي دنيا ڄاڻي ٿي. آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا پاران عمران خان کي ڊيزل ڪوٺڻ کانمنع ڪرڻ جي صحافي جي سوال تي فضل الرحمان چيو ته فوجي بيورو ڪريسي اسان جي لاءِ احترام لائق آهي اهڙي طرح سول بيوروڪريسي اسان لاءِ احترام لائق آهي آئين ۾ سمورن ادارن جو ڪردار واضح آهي سمورا ادارا پنهنجي ڪم سان ڪم رکن هن چيو ته ڊي جي آئي ايس پي آر چيو ته سان جو سياست سان ڪوئي تعلق نه آهي اسان اڻ ڌريا ۽ نيوٽرل آهيون ۽ اڄ ملڪ جو وزيراعظم چوي ٿو ته نيوٽرل ته جانور هوندو آهي ان ڳالهه جوڇا مطلب آهي عمران خان جي بيان مطابق ته نيوٽرل صرف جانور ٿي سگهي ٿو مولانا فضل الرحمان ميڊيا سان شڪايت ڪئي ته ماضي ۾ عمران خان جي ننڍن ننڍن جلسن کي وڏو ڏيکاري پيش ڪيو ويو اسان ان جون تقريرون ٻڌيون پر هاڻي عوام ان جي ڳالهه تي يقين نٿو ڪري. هاڻي هي وائکو ٿي چڪو آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *