ناڻو ڪمائڻ لاءِ آئي سي ٽي جي شعبي ۾ انساني وسيلن جي تربيت ۽ مهارت تي ڌيان ڏيڻو پوندو: صدر عارف علوي

اسلام آباد (اين اين آءِ) صدرڊاڪٽر عارف علوي پرڏيهي سيڙپڪارن کي ملڪ جي آئي سي ٽي سيڪٽر ۾ سيڙپڪاري لاءِ سهولت فراهم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته هن شعبي ۾ حڪومت پاران ڏنل مراعتن سبب ترقي جي تمام گهڻي صلاحيت آهي پاڪستان کي چوٿين صنعتي انقلاب جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ سان گڏوگڏ زر مبادله ڪمائڻ لاءِ آئي سي ٽي جي شعبي ۾ انساني وسيلن جي تربيت ۽ مهارت تي به ڌيان ڏيڻو پوندو صدر هي ڳالهيون هتي ايوان صدر ۾ پاڪستان ڄاون آمريڪين کي آئي سي ٽي جي شعبي ۾ شامل ڪرڻ بابت اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيون. عبدالرزاق دائود، خالد منصور، سينيٽر عون عباس، ڊآڪٽر محمد سهيل راجپوت، آمريڪا لاءِنامزد سفير سردارمسعود خان هائر ايجوڪيشن ڪميشن اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان، سيڪيورٽيز اينڊ ايڪسچينج ڪميشن آف پاڪستان جي نمائندان ۽ حڪومت جي اعليٰ عملدارن اجلاس ۾ شرڪت ڪئي سليڪون ويلي کي ممتاز پاڪستاني ڪاروباري شخصيتن ۽ آمريڪا ۾ پاڪستان جي سفير ڊاڪتر اسد مجيد خان وڊيولنڪ جي ذريعي اجلاس ۾شرڪت ڪئي اجلاس کي پاڪستان نيشنل سيمي ڪنڊيڪٽر پلان جي ترقي تي اڳڀرائي بابت بريفنگ ڏني وئي اجلاس کي ٻڌايو ويو ته سيمي ڪنڊيڪٽرز جي شعبي ۾ انساني وسيلن جي تربيت لاءِ قدم کنيا ويا آهن جنهن ۾ ترقي ۽ سيڙپڪاري جي وڏي گنجائش ۽ امڪان آهن اجلاس کي اليڪٽرڪ گاڏين جون بيٽگھريون ٺاهڻ جو پلان آئوٽ سورسڊ سيمي ڪنڊيڪٽر اسيمبلي ٽيسٽ جو قيام ۽ لاڳاپيل صنعتن بابت به بريفنگ ڏني وئي اجلاس کي خطاب ڪندي صدر ان ڳالهه تي روشني وڌي ته آئي جي صنعت تيزي سان ترقي ڪري رهي آهي ۽ پاڪستان کيچوٿين صنعتي انقلاب جي ضرورتن کي پوروڪرڻ سان گڏوگڏ ناڻيو ڪمائڻ لاءِ آئي سي ٽي جي شعبي ۾ پنهنجي وسيلن جي تربيت ۽ مهارت جي ترقي تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي هن وينچر ڪيپيٽل ۽ پرائيويٽ ايڪويٽي فنڊز کي راغب ڪرڻ لا3 اهڙا قدم کڻڻ جي ضرورت تي زور ڏنو جنهن سان ملڪ جي ترقي کي تيز ڪرڻ ۾ مدد ملندي هن لاڳاپيل پارٽنرن تي زور ڏنو ته پاڪستان ۾ آئي ٽي ڪمپنيون قائم ڪرڻ جا خواهشمند سليڪون ويلي آمريڪا جي پاڪستاني ڄائي آئي ٽي ماهرن جا حوصلا وڌايا وڃن صدر آمريڪا ۾ رهندڙ آئي ٽِ ماهرن کي ملڪ جي آئي سي ٽي سيڪٽر ۾ سيڙپڪاري ۾ سهولت فراهم ڪرڻ ۾ پنهنجي تعاون جو يقين ڏياريو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *