فضل الرحمان استعمال ٿئي پيو، خوف نه ٿو پکيڙڻ چاهيان پر اطلاع سٺا نه آهن: گهرو وزير

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته وفاقي حڪومت پارليامينٽ لاجز جي سڪيورٽي رينجرز ۽ ايف سي حوالي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي،  خوف نه ٿو پکيڙڻ چاهيان پر اسان وٽ اطلاع سٺا نه آهن، سڀ کان وڌيڪ خطرو مونکي ۽ مولانا فضل الرحمان کي آهي، اسلا م آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شيخ رشيد چيو ته پارليامينٽ لاجز ۾ 50 ماڻهن کي داخل ڪيو ويو،  اسان 5 ڪلاڪن تائين ڳالهيون ڪيون، ڪامران مرتضيٰ پوليس بابت انتهائي خراب ٻولي استعمال ڪئي ۽ پوليس تي تشدد ڪيو ويو، 6 ڄڻا زخمي ٿيا، اسان ڪنهن تي به دهشتگردي جو ڪيس داخل ناهي ڪيو، هن چيو ته ٽريلر طور هلڪا پرچا ڪٽيا آهن،  قانون هٿ ۾ کنيو ويو ته ايندڙ ڀيري دهشتگردي جا پرچا ڪٽينداسين، هن وڌيڪ چيو ته اپوزيشن اڳواڻن کي اپيل ڪيان ٿو ته ڪنهن غلط فهمي جو شڪار ۾ نه رهو، شيخ رشيد چيو ته مولانا کي درخواست آهي ته مدرسن جي ٻارڙن کي استعمال نه ڪري،  احتجاج جي سڏ واپس وٺي سٺو ڪيو، نواز شريف ۽ آصف زرداري مولانا فضل الرحمان کي استعمال ڪري رهيا آهن، بي اعتمادي رٿ جو جمهوريت جو حصو آهي، پر اپوزيشن عمران خان سان ذاتي ويڙهه وڙهي رهي آهي،  جيڪو مليشيا جي لباس ۾ اسلام آباد آيو ان کي نھ ڇڏيو ويندو، پوليس رينجرز ۽ ايف سي حوالي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ڪالهه خميس ڏينهن پيش آيل واقعي بابت ڳالهائيندي شيخ رشيد چيو ته اسان پارليامينٽ لاجز جي ڪمري نمبر 401 کانسواءِ ٻئي ڪنهن به ڪمري تي نه کڙڪايو، اهو ڪمرو صلاح الدين جو آهي جنهن ۾ 20 ماڻھو ويٺا ھئا، گهرو وزير چيو ته مخالف ڌر جو  خراب وقت اچي رهيو آهي، هو بي اعتمادي جي رٿ کان اڳ اسلام آباد ۾ ڪو واقعو چاهين ٿا، سندن سياست جو پتو صاف ٿي سگھي ٿو

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *