پنجاب ۾ موجود نظام بنا اجازت ڪم نه ٿو ڪري، ساهيوال سانحي تي وزيراعظم ۽ پنجاب جو وڏو وزير استعيفيٰ ڏين: مخالف ڌر اڳواڻ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف ساهيوال سانحي تي وزيراعظم عمران خان ۽ پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار کان استعيفيٰ جو مطالبو ڪري ڇڏيو. قومي اسيمبلي ۾ ڳالهائيندي ن ليگ صدر شهباز شريف چيو ته ساهيوال واقعي تي سڀني وفاقي ۽ پنجاب جي وزيرن چيو ته رپورٽ 72 ڪلاڪن ۾ سامهون آندي ويندي، جيڪا نه آندي وئي، اهو به چيو ويو ته سانحي جي نتيجي ۾ ڪجهه آفيسرن کي عهدي تان هٽايو ويو آهي ۽ اهو پهريون ڀيرو ٿيو آهي، جيڪا غلط بياني هئي. هن چيو ته اسان ماڊل ٽائون واقعي جي رات ئي آر پي او لاهور کي عهدي تان هٽائي ڇڏيو هو، جڏهن ته معاملي جي جاچ لاءِ ان ئي رات جڊيشل ڪميشن جوڙي ڇڏي هئي. سندس چوڻ هو ته وزيراعظم صاحب اڄ ساڍن ٽن مهينن کانپوءِ آيو آهي، ماڊل ٽائون واقعي تي عمران خان چيو هو ته مون کي استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي، راڻا ثناءُ الله کي گرفتار ڪرڻ گهرجي، پنجاب ۾ موجود نظام ۽ صوبي جو وڏو وزير وزيراعظم جي اجازت کانپوءِ ڪو ڪم نٿو ڪري، تنهن ڪري وزيراعظم کي پنهنجي ئي منطق موجب اڳ استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي ۽ پوءِ عثمان بوزدار کي استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *