مني لانڊرنگ ڪيس : آصف علي زرداري، فريال ٽالپر، انور مجيد ۽ ٻين جوابدارن جي عبوري ضمانت ۾ 6 فيبروري تائين واڌ

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) ڪراچي جي بئنڪنگ ڪورٽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري، فريال ٽالپر ۽ 11 جوابدارن جي عبوري ضمانت ۾ 6 فيبروري تائين واڌ ڪندي ميگا بجيٽ مني لانڊرنگ ڪيس جي ٻڌڻي 14 فيبروري تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي.  بئنڪنگ ڪورٽ ۾ ميگا بجيٽ مني لانڊرنگ ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، ڪيس جي ٻڌڻي تي آصف علي زرداري، سندس ڀيڻ فريال ٽالپر ۽ ٻيا جوابدار عدالت جي روبرو پيش ٿيا جڏهن ته ايف آءِ اي جو جاچ آفيسر اسلام آباد ۾ موجود هئڻ سبب عدالت ۾ پيش نه ٿي سگهيو. ان موقعي تي عدالت چيو ته نه جاچ آفيسر موجود آهي، نه ايف آءِ اي جو رڪارڊ، ڪيس ڪيئن هلايون، پهريان سپريم ڪورٽ جي فيصلي، رڪارڊ ۽ جاچ آفيسر کي اچڻ ڏيو. بئنڪنگ ڪورٽ جي جج رمارڪس ڏيندي چيو ته عدالت ڪيس ٻڌڻ لاءِ تيار آهي، پر فائل موجود ناهي، عبوري چالان موجود آهي ۽ عدالت ان جي بنياد تي ضمانت ٻڌي سگهي ٿي.  عدالت ايف آءِ اي جي وڪيل کي چيو ته فائل آهي ته ضمانت واري درخواست تي دليل ڏيو. ان موقعي تي انور مجيد جي وڪيل درخواست ڪئي ته ايف آءِ اي هاڻي حتمي چالان پيش ڪري ته جيئن عدالت ۾ ٻڌڻي ڪئي وڃي جنهن تي ايف آءِ اي پراسيڪيوٽر ممتاز الحسن موقف ڄاڻايو ته سپريم ڪورٽ جي حڪم ۾ صرف معاملو نيب کي موڪلڻ جو چيو ويو آهي.  عدالت قرار ڏنو ته رڪارڊ اچڻ تائين ٿورو انتظار ڪري وٺو، اوهان کي پورو موقعو ڏينداسين. جنهن بعد عدالت آصف علي زرداري، فريال ٽالپر، انور مجيد ۽ ٻين جوابدارن جي عبوري ضمانت ۾ 6 فيبروري تائين واڌ ڪندي مني لانڊرنگ ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 14 فيبروري تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *