جي آءِ ٽي موجب سمجهون ٿا ته خليل جي خاندان کي قتل ڪيو ويو، ڪنهن به سرڪاري آفيسر کي تحفظ نه ڏنو ويندو: شاهه محمود قريشي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته ڪنهن سرڪاري آفيسر کي تحفظ نه ڏنو ويندو، جي آءِ ٽي موجب سمجهون ٿا ته خليل جي خاندان کي قتل ڪيو ويو. قومي اسيمبلي اجلاس ۾ ڳالهائيندي شاهه محمود قريشي چيو ته ماضي ۾ حڪومتون ڳالهيون دٻائڻ جي ڪوشش ڪنديون هيون، اسان جي حڪومت ائين ناهي ڪيو، ڪنهن به سرڪاري آفيسر کي تحفظ ڏيڻ جو مقصد هو نه هوندو. سندس چوڻ هو وزيراعظم چيو ته جيڪو ڏوهاري هوندو ان کي ڪٽهڙي ۾ بيهاري سزا ڏياري ويندي، حڪومت جو ڪنهن ڏوهاري کي تحفظ ڏيڻ جو ارادو ناهي، ساهيوال واقعي جون حقيقتون ايوان ۾ رکنداسين ۽ ذميوارن کي سزا ڏني ويندي، جي آءِ ٽي رڳو ذيشان بابت وڌيڪ جاچ لاءِ وقت گهريو آهي. هن چيو ته اسان ڪجهه به لڪائڻ نٿا چاهيون، ميڊيا کي ان ڪئميرا بريفنگ ڏيڻ لاءِ به تيار آهيون، حقيقتون سامهون اينديون ته خبر پوندي ڪير ذميوار آهي، ساهيوال واقعي جو ڪيس دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ ويندو، حڪومت اختيار اورانگهيندڙ آفيسرن کي تحفظ ناهي ڏنو. شاهه محمود قريشي چيو ته ساهيوال واقعي تي ٻن ڏينهن کان بحث ٿي رهيو آهي، پنجاب جو وڏو وزير چونڊيل نمائندو آهي، ان بابت اپوزيشن ليڊر شهباز شريف جا لفظ مناسب ناهن، چونڊيل نمائندن بابت اهڙا لفظ ڳالهايا ويندا ته جمهوري روايتن جي خدمت نه ٿيندي.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *