پنجاب ۾ حڪمران دهشتگردن جا سرپرست آهن، هارين تي تشدد جي مذمت ڪريان ٿو: جمشيد دستي

ملتان (م.ڊ) قومي اسيمبلي جو ميمبر جمشيد دستي احتساب بل کڻي ملتان کان خانيوال روانو ٿي ويو هن چيو ته الطاف حسين کي فرعون چوندڙ عمران خان ڪروڙين روپيا کڻي بيرسٽر سلطان جهڙي وڏي فرعون کي ٽڪيٽ ڏني پنجاب ۾ حڪمران دهشتگردن جا سرپرست آهن هارين تي پوليس تشدد جي مذمت ڪريان ٿو، ملڪ ۾ ڪرپشن، لاقانونيت خلاف احتساب جو نعرو هڻي مظفرڳڙهه کان رواني ٿيندڙ جمشيد دستي جي سائيڪل مارچ اڄ ملتان کان پنهنجي ايندڙ منزل خانيوال طرفان رواني ٿي وئي جمشيد دستي جو چوڻ هو ته وي آءِ پي ڪلچر خلاف آهيون پنجاب پوليس دهشتگرد ۽ حڪمران دهشتگردن جا سرپست لاهور ۾ هارين تي تشدد ۽ گرفتاريون شرمناڪ آهن، جمشيد دستي عمران خان کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته پارٽي تي جاگيردارن ۽ گادي نشينن جو قبصو آهي الطاف حسين کي فرعون چونڊ عمران خان وڏي فرعون بيرسٽر سلطان جي ڪيمپيئن ڪندو پيو ڦري.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *