دادو: چانڊيا برادري ۾ پراڻو تڪرار ڀڙڪي پيو، 4 ڄڻا گولين جو کاڄ بڻجي ويا

دادو(اصغر ملاح) ندادو ويجهو چانڊيا برادري جي ٻن ڌرين ۾ زمين جو پراڻو تڪرار ٻيهر ڀڙڪي اٿيو، هٿياربندن پيشي تي عدالت ويندڙن جي ڪار تي فائرنگ ڪري ڏني، جنهن سبب 4 ڄڻا مارجي ويا ۽ هڪ زخمي ٿي پيو… ڳوٺ شير محمد سولنگي وٽ لنڪ روڊ تي هٿياربندن سيشن ڪورٽ دادو ۾ پيشي تي ويندڙن جي ڪار تي انڌا ڌنڌ فائرنگ شروع ڪري ڏني. فائرنگ جي نتيجي ۾ علي بخش چانڊيو، ٻُڌل چانڊيو، رياض چانڊيو ۽ ڪار ڊرائيور رياض لانگاهه مارجي ويا، جڏهن ته حسين زخمي ٿي پيو.. مارجي ويلن جا لاش ۽ زخمي کي دادو سول اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي وڏي انگ ۾ چانڊيا برادري جا ماڻهو پهچي ويا…. پوليس هڪ ڄڻي کي گرفتار ڪري ورتو آهي، پوليس جو چوڻ آهي ته چانڊيا برادري جي ٻن ڌرين ۾ زمين جو پراڻو تڪرار هلندڙ هو، جنهن تان واقعو پيش آيو، ڪيس داخل ڪري جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي….

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *