دهشتگردي جي مسئلي تي ڪا به سوديبازي نه ڪئي ويندي:اسحاق ڊار

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته دهشتگردي جي مسئلي تي ڪا به سوديبازي نه ڪئي ويندي، ڪراچي ۾ آپريشن هڪ جماعت نه پر دهشتگردن خلاف ڪيو پيو وڃي. ڪراچي ۾ ايف پي سي سي آءِ تقريب کي خطاب ڪندي اسحاق ڊار چيو ته آپريشن ضرب عضب ۾ سڪيورٽي فورسز وڏيون قربانيون ڏنيون آهن ۽ ڪاميابيون به مليون آهن. هن چيو ته ڪراچي ۾ آپريشن هڪ جماعت نه پر دهشتگردن خلاف ڪيو پيو وڃي. سندس چوڻ هو ته ملڪ کي دهشتگردي کان ڇوٽڪارو ڏيارڻ حڪومت جي پهرين ترجيح آهي. اسحاق ڊار چيو ته ملڪي ترقي لاءِ چئن نقطن تي ڌيان ڏنو پيو وڃي ۽ عملي قدم کنيا پيا وڃن. ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار چيو ته ن ليگ حڪومت واپار دوست حڪومت آهي، پيٽرول جون قيمتون گهٽائڻ لاءِ 50 ارب رپين جو نقصان ٿيو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *