ٽيڪس گڏ نه ٿيڻ جي ذميوار حڪومت پاڻ آهي: شهباز شريف

لاهور (ويب ڊيسڪ) ن ليگ صدر ۽ قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف چيو آهي ته حڪومت عوام کان وسيلا وٺڻ بدران انهن کي وسيلا ۽ رليف ڏيڻ جي پاليسي اختيار ڪري.شهباز شريف ملڪ ۾ وڏي پئماني تي پبلڪ ورڪس پروگرام شروع ڪرڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته سڄي ملڪ ۾ سرڪاري ترقياتي پروگرام تحت اڏاوتن جي شروعات ڪئي وڃي ته جيئن ماڻهن کي روزگار ملي سگهي، حڪومت وري غلط فيصلو ڪيو، پي ايس ڊي پي ۾ واڌ بدران گذريل سال کان به گهٽ بجيٽ رکي آهي، ملڪ ۾ نوان منصوبا شروع ڪري معاشي سرگرميون وڌائي سگهجن ٿيون.هن چيو ته ٽيڪس گڏ نه ٿيڻ جي ذميوار حڪومت پاڻ آهي، اهو ان جو پنهنجو پيدا ڪيل مسئلو آهي، ن ليگ ٽيڪس وصولي سالياني 14.5 سيڪڙو جي مجموعي شرح تي رکي هئي، پي ٽي آءِ اسان جي ٺاهيل پاليسي تي هلي ها ته وڏو ٽيڪس گڏ ٿئي ها، ضد بدران دانائي، دانشمندي، کليل ذهن ۽ دل سان سوچڻ گهرجي.سندس چوڻ هو ته 5.8 سيڪڙو ۽ ناڪاري شرح ترقي جي حالتن ۾ زمين آسمان جو فرق آهي، خراب حالتن ۽ عوام کي رليف ۽ رعايت تي ٻڌل بجيٽ ڏيو، طلب وڌائڻ سان ئي معيشت هلي سگهي ٿي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *