پنجاب جي وڏي وزير جي قطر جي امير سان ملاقات، پاڪ قطر اقتصادي تعاون وڌائڻ تي اتفاق

دوها (م.ڊ) پنجاب جي وڏي وزير محمد شهباز شريف دوها ۾ قطر جي امير شيخ تحمم بن حمد الثاني سان ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ پاڪ قطر لاڳاپا وڌائڻ ۽ اقتصادي تجارتي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو، قطر جي امير محمد شهباز شريف سان ملاقات ۾ چيو ته قطر پاڪستان ۾ قومي ترقي جي مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري ۽ توانائي بحران کي منهن ڏيڻ لاءِ تعاون ڪندو، هن چيو ته پاڪستان اسان جو دوست ملڪ آهي ۽ اسان کي پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي عزيز آهي، قطر کي پاڪستان جي تڪليفن جو چڱي طرح اندازو آهي جنهن تي ڪنرول ڪرڻ لاءِ هر شعبي ۾ ساٿ ڏينداسين، هن چيو ته قطر گيس جون ضرورتون پوريون ڪرڻ سميت زراعت، بجلي جي پيداوار ۽ هنر مند افرادي قوت جي شعبي ۾ پاڪستان سان تعاون جاري رهندو، هن چيو ته سندس ملڪ پاڪ قطر دوستي کي وڌائڻ لاءِ وزيراعظم محمد نواز شريف جي تازي ڪوشش کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو ۽ انهن ڪوششن جا مثبت اثر تجارتي ۽ معاشي نظام تعاون وڌائڻ سان آڏو اچي رهيا آهن، مستقبل ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ تجارتي ۽ معاشي لاڳاپا وڌيڪ بهتر ٿيندا، ان موقعي تي وفاقي وزير شاهد خاقان عباسي ۽ وزيراعظم جو ترجمان مصدق ملڪ به موجود هو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *