تحريڪ انصاف جي صوبائي حڪومت امن امان قائم ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي چڪي آهي: پ پ سينيٽرز

ڪراچي (اسٽآف رپورٽر) پاڪستان پيپلز پارٽي جي سينيٽر ڊاڪٽر ڪريم خواجه ۽ عاجز ڌامراهه پشاور ۾ هڪ ٻئي پٺيان دهشتگردي جي واقعن ۾ معصوم ۽ بيگناهه مسلمانن جي شهادتن کي نئون پاڪستان جو شوشو ڇڏي عوام کي دهشتگردن جي رحم ۽ ڪرم تي ڇڏي ڌرڻا ڪنسرٽ جي مالڪ عمران خان ۽ ان جي ڪٽ پتلي وزيراعليٰ جي نااهلي ۽ طالبان جي پٺڀرائي جو نتيجو قرار ڏنو آهي، هنن چيو ته تحريڪ انصاف جي صوبائي حڪومت امن امان قائم ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي چڪي آهي، هنن وفاقي حڪومت کي چيو ته هوءَ پشاور جي عوام شاگردن، شيعا مسلمان قتل عام کي روڪڻ لاءِ عملي قدم کڻي ۽ گهٽ ۾ گهٽ پشاور ۾ سيڪيورٽي معاملا وفاق پنهنجي هٿ ۾ کڻي ڇو ته عمران خان ۽ طالبان دهشتگردن جي هٿان پشاور جي عوام جي اهڙي طرح رت وهندو رهندو، هن چيو ته طالبان دهشتگرد ان وقت تائين رت جي راند کيڏندا رهندا جيستائين عمران خان جي هوندي ان جي نظرياتي حليف جو ڪم ڪندا رهندا، پر الميو آهي ته ملڪ جون طاقتون سموري صورتحال تي خاموش آهن، هنن چيو ته تحريڪ انصاف دهشتگردن لاءِ دفتر کولڻ جو جيڪو مطالبو ڪيو هو اهو اڃاتائين واپس نه ورتو آهي جنهن سان عمران خان جو لاڳاپور طالبان سان صاف ظاهر آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *