ڪرڪيٽ ڪڏهن ناهي کيڏي، پاڪ ڀارت ميچ ڏسندو آهيان: سراج الحق

اسلام آباد (بيورو) امير جماعت اسلامي سراج الحق چيو آهي ته ڀارت ڪڏهن به زهني طور تي پاڪستان کي تسليم نه ڪيو آهي، ڪرڪيٽ ڪڏهن به ناهي کيڏي، پاڪ ڀارت ميچ ڏسندو آهيان، هڪ انٽرويو ۾ هن چيو ته هو پاڪ ڀارت ميچ ڏسڻ جي ڪوشش ڪري ٿو، ڀارت ڪڏهن زهني طور پاڪستان کي تسليم ناهي ڪيو، ڪشمير جو مسئلو حل ٿيڻ تائين ڀارت سان دوستي نه ٿيڻ گهرجي، هن چيو ته لال مسجد جو مولانا عبدالعزيز نماز پڙهي ٿو ته مان ان سان گڏ آهيان، جيڪڏهن هو غلط ڪم ڪري ٿو ته حڪومت کيس پڪڙي، دهشتگردي پاڪستان لاءِ نقصانڪار آهي، هن ٻارڙن کي قتل ڪرڻ، مسجدن ۽ امام بارگاهن تي حملا ڪرڻ تي تحريڪ طالبان پاڪستان جي مذمت ڪئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *