پرڏيهي سي اي او جي مقرري، جاويد ميانداد پي سي بي تي ڪاوڙيل

 

ڪراچي(اسپورٽس  نيوز)اڳوڻي ٽيسٽ ڪپتان جاويد ميان جي پي سي بي تي سخت تنقيد، سندس چوڻ آهي ته پاڪستان جا ماڻهو مري ويا جو ڪرڪيٽ هلائن لاءِ پرڏيهي آندا پيا وڃن.ڪراچي جي هڪ تقريب دوران ميڊيا سان ڳالهائيندي جاويد ميانداد ڪرڪيٽ بورڊ جي چيف ايگزيڪيوٽو وسيم خان جو نالو وٺڻ بنا چيو ته حڪومت ۽ بورڊ جواب ڏئي ته اسان جا ماڻهو ان قابل ناهن جو ٻاهران پرڏيهي آڻي رهيا اهيون، اها ڳالهه منهنجي سمجهه کان ٻاهر آهي ته ڪهڙي طرح ادارا هلايا پيا وڃن.هن چيو ته پاڪستان ۾ ٽيلينٽ جي ڪابه کوٽ ناهي، اسان جا رانديگر گهٽين ۽ رستن تي ئي کيڏي سامهون آيا، اوهان رانديگرن کي سهولتون مهيا ڪيو هو ڪارڪردگي ڏيکاريندا، غلط شين تي آواز اٿارڻ جي ضرورت آهي، ان حوالي سان قومي ميڊيا کي به پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو.مصباح الحق کي هيڊڪوچ ۽ چيف سليڪٽر جي ٻٽي ذميواري ڏيڻ تي به ميانداد سخت تنقيد ڪئي، هن يچو ته نظام کي هلائڻ لاءِ وڌ کان وڌ ماڻهن کي ذميواري ملڻ گهرجي، اهو عمل فائديمند رهندو پر هتي ڏکوئيندڙ طور تي پي سي بي ۾ صرف هڪ ئي گروپ کيڏي رهيو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *