يوم دفاع تي شوبز ستارن جي پاڪ فوج جي شهيدن کي ڀيٽا

 

ڪراچي (شوبز نيوز) سڄي ملڪ ۾ اڄ 6 سيپٽمبر  يوم دفاع  ڪشميرين سان يڪجهتي طور  ملهايو ويو ان موقعي تي شوبز ستارن به پاڪ فوج جي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪئي آهي.6 سيپٽمبر جي  ڏينهن پاڪ فوج جي جوانن دشمنن کي منهن ٽوڙ جواب ڏيندي ڀڄائڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو هو، 6 سيپٽمبر جي ڏينهن پاڪ فوج جي جوانن شهادت ماڻي جنهن   تي شوبز ستارن  شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪئي آهي.صبور علي پاڪستان ڊراما اندسٽري جي مشهور اداڪارا ۽ سجل علي جي ڀيڻ صبور علي پنهنجي ٽوئيٽر پيغام ۾ لکيو ته قوم پاڪستاني فوج جي شهيدن جوانن ۽ غازين کي سلام پيش ڪري ٿي.حريم فاروق فلم ۽ ڊراما انڊسٽري اداڪارا حريم فاروق ٽوئيٽر تي نغمي جا ٻول “اي راهه حق ڪي شهيدون، وفا ڪي تصويرون، تمهين وطن ڪي هوائين سلام ڪهتي هين“  لکندي يوم دفاع جي مناسبت سان هيش ٽيڪ جو استعمال ڪيو.حمزا علي عباسي اداڪار حمزا علي عباسي 1965ع جي جنگ جو تجربو پيش ڪندي چيو ته مون کي لڳي ٿو ته پاڪستان کٽي ويو آهي، پاڪستان والاريل ڪشمير ۾ محدود آپريشن جي شروعات ڪري ڇڏي آهي جڏهن ته ڀارت به پاڪستان جي حملي جو جواب ڏئي رهيو آهي.فيصل قريشي مشهور اداڪار فيصل قريشي يوم دفاع ۽ شهيدن جي ڏهاڙي تي ڪشميرين سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي مختلف اداڪارن تي فلمايل ڪشميرين جي آزادي جي حوالي سان نغمي جي ويڊيو شيئر ڪئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *