پرڏيهي سيڙپڪارن لاءِ وسيع موقعا موجود آهن، دنيا سان احترام تي ٻڌل لاڳاپا چاهيون ٿا: پاڪستان

رياض (اين اين آءِ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان ڀارت سان دوستاڻن لاڳاپن جو خواهشمند اهي ڀارت سان ڪرڪيٽ کي اڳتي وڌائڻ چاهيون ٿا وزيراعطم عمران خان سعودي عرب ۾ واپار واري وزارت پاران سپوزيم ۾ شرڪت لاءِ پهتو ته سعودي جي واپار واري وزير خالد الفالح سندس آجيان ڪئي انموقعي تي وزيراعطم سعودي جيواپارين ۽ سيڙپڪارن سان ملاقات ڪئي وزيراعظم عمران خان سپوزيم کي خطابڪندي چيو ته ڀارت پاڪستان سٺا پاڙيسري طور اڳتي وڌي سگهن ٿا اسان ڀارت سان ڪرڪيٽ کي اڳتي وڌائڻ چاهيون ٿا هن چيو ته ٽي-20 ورلڊ ڪپ ۾پاڪستان تاريخي فتح حاصل ڪئي هن چيو ته پاڪستان ڀارت سان دوستاڻن لاڳاپن جو خواهشمند آهي ڪشميرين کي حق ملي ته پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ڪوئي مسئلو نه آهي، وزيراعظم چيو ته ڀارت والاريل ڪشمير ۾ حق ڏي ته خطي ۾ امن ٿي سگهي ٿو. ڀارت گڏيل قومن جي ٺهرائن تحت ڪشميرين کي حق خود اراديت ڏي. وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته سعودي عرب جي سلامتي يقيني بڻائڻ لاءِ پرعزم آهي. پاڪستان سعودي عرب سيڙپڪاري فورم کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته سعودي عرب هر ڏکئي وقت ۾ پاڪستان جي مدد ڪئي آهي، ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا اڻٽٽ آهن. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۾ پرڏيهي سيڙپڪارن جي لاءِ وسيع موقعا آهن، پاڪستان سڄي دنيا سان گڏيل احترام تي ٻڌل لاڳاپا چاهي ٿو. واضح رهي ته عمران خان سرڪاري دوري تي سعودي عرب ۾ موجود آهي، پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ۽ ٻيا به ساڻس گڏ آهن. ان فورم کي خطاب ڪندي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي جو چوڻ هو ته وزيراعظم عمران خان جي نئين پاڪستان واري خيال ۽ سعودي ولي عهد شهزاد محمد بن سلمان جي خيال 2030 ۾ گهڻي هڪجهڙائي آهي. سعودي انويسٽمينت فورم کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ لاڳاپان ٻين سمورن لاڳاپن کان مٿان آهن ڇو ته هي عوام جا عوام سان لاڳاپا آهن پاڪستان ۾ جيڪا به حڪومت اچي ٿي ان جا سعودي عرب سان خاص لاڳاپا هوندا آهن. هن چيو ته ان جا ٻه سبب آهي پهريون سبب ٻه مقدس مسجدون آهن ۽ اسان سعودي عرب سان ٻڌل آهيون ٻيو سبب اهو آهي ته سعودي عرب هميشه ڏکئي وقت ۾ پاڪستان سان گڏ رهيو آهي، جنهن کي فراموش نه ڪيو ويندو هن چيو ته انسان ان کي ياد ناهي رکندو جنهن سٺي وقت ۾ ساٿ ڏنو هجي پر مشڪل وقت ۾ ساٿ ڏيندڙ کي نٿو ڀلائي سگهجي عمران خان چيو ته سعودي عرب کي جڏهن به سلامتي جو خطرو هوندو ته ٻي دنيا سان ڇا ٿئي ٿو مان نٿو ڄاڻان پر مانيقين ڏياريان ٿو ته اوهانجي حفاظت لاءِ پاڪستان اوهان سان گڏ بيٺو هوندو هن چيو ته مان 30 سالن کان سعودي عرب اچي رهيو آهي ۽ مان ولي عهد جي صورت ۾ بهترين قيادت تحت تبديلي ڏٺي آهي، هو سعودي عرب جي مستقبل جي تبديلي جو عزم رکي ٿو ۽ پاڪستان به تبديل ٿي رهيو آهي هن چيو ته اسان جا ناني واري وزير چيو آهي ته 60 جي ڏهاڪي ۾ پاڪستان ايشيا ۾ تيزي سان ترقي ڪندڙ ملڪ هو. پاڪستان اهو ملڪ هو جنهن ۾ تيز صنعتڪاري ٿي رهي هئي پاڪستاني جي معيشت تي ڳالهائيندي هنچ يو ته اسان وٽ ادارا هئا جيڪي ايشيا جي سمورن ادارن کان مضبوط هئا اسان جي ايئر لائين پي آئي اي دنيا جي بهترين ايئر لائن هئي ۽ هن وڌيڪ 5، 6 ايئر لائن بڻايون هنچيو ته پاڪستان جي 22 ڪروڙ جي آبادي ۾ گهڻائي 30 سالن کان گهٽ عمر ماڻهن جي آهي ان جو مطلب آهي ته ترقي جا شاندار موقعا آهن، ترقي جو مکهه عنصر نوجوان آهن وزيراعطم چيو ته پاڪستان جي اسٽريٽجڪ اهميت آهي دنيا جون ٻه وڏيون معيشون اسان جي پاڙي ۾ آهن، اسان وٽ افغانستان کان ٿيندي سڄي سينترل ايشيا آهن هنچ يو ته اهڙِ طرح چينس ان سٺا لاڳاپا آهن جڏهن ته اسان کي ڀارت سان لاڳاپا بهتر ڪرڻا آهن، ٽي-20 ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستاني ٽيم جي شاندار فتح جو ذڪر ڪندي هن چيو تهمان ڄاڻان ٿو ته گذريل رات ڪرڪيٽ مئچ ۾ پاڪستاني ٽيم پاران فتح کان پوءِ ڀارت سان لاڳاپا بهتر ڪرڻ جي حوالي سان ڳالهه ڪرڻ جو صحيح وقت نه آهي هن چيو ته اسانوچ ۾ صرف هڪ مسئلو آهي ڪشمير جو مسئلو اسان ٻه تهذيب يافته پاڙيسري هن مسئلي کي حل ڪري سگهون ٿا هي سب انساني حقن ۽ ڪشمير جي حق خود اراديت جي ڳالهه آهي جنهن جي ضمانت گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ٺهراءُ ۾ 70 يا 72 سال اڳ ڏني وئي آهي، هن چيو ته جيڪڏهن کين حق ڏنا ويا ته اسان وچ ۾ ڪو ٻيو مسئلو نه آهي ٻئي ملڪ بهتر پاڙيسري وانگر رهي سگهون ٿا. عمران خان چيو ته مان چاهيان ٿو ته سعودي عرب ۽ پاڪستان وچ ۾ لاڳاپا مختلف سطح وڃي هي هڪ اهڙي سطح آهي جنهن سان ٻنهي کي فائدو ٿيندو. هن چيو ته فائدا به سعودي عرب ۽ پاڪستان لا3 مختلف هوندا جيڪڏهن اسان گڏجي ڪم ڪريون ٿا ته ٻنهي ملڪن لاءِ فائدو ٿيندو.پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو اهي ته خواهش آهي تهپاڪ سعودي لاڳاپن کي گڏيل مفاد تي ٻڌل اسٽريٽجڪ بائيواري ۾ تبديل ڪيو وڃي پاڪستان ڪراچي ۽ گوادر جي پورٽن جي ذريعي پرڏيهي سمنڊن کان چين جي الهندي حصن ۽ لينڊ لاڪ افغانستان کان وچ ايشيا تائين پهچ جو سڀ کان مختصر رستو فراهم ڪري ٿو حدف حاصل ڪرڻ لاءِ اسان ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته پاڪستان کي معاشي سرگرمين جي مرڪز ۽ هاڪاري عالمي مفادن جي هنڌ طور پيش ڪريون پاڪستان ۾ سياحت جي شعبي ۾ سيڙپ ڪرڻ سان ٻنهي ملڪن کي گڏيل ثمر ملي سگهن ٿا اميد آهي ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ سيڙپڪاري تعاون ۾ وڌيڪ سيڙپڪاري ٿيني سومر تي شاهه محمود قريسي پاڪستان سعودي عرب سيڙپڪاري فورم جي تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته مان سعودي عرب جي سيڙپڪاري وزير جو شڪريو ادا ڪريان ٿو جو هن هي تقريب جو اهتمام ڪيو هن چيو ته جديد تاريخ ۾ ٻطرفي لاڳاپن جا اهڙا مثال گهٽ آهن جيڪي پاڪستان ۽ سعودي عرب جي دائمي ۽ جٽادار نوعيت جي لاڳاپن جهڙا هجن گڏيل عقيدي ۽ قدرن تي ٻڌل دوستي ۽ ڀائپي جي رشتن ۾ ٻڌل هي مضبوط ڀائيواري ٻنهي ملڪن جي قيادتن وچ ۾ سالن کان قائم دائم آهي جڏهن ته ٻنهي ملڪن جي عوام وچ ۾ڀائيپي جا مضبوط رشتا قائم آهن هنچ يو ته پاڪستان جو عوام خادم الحرمين الشريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز ۽ شهزاده محمد بن سلمان لاءِ پنهنجي دل ۾ بي حد عزت رکي ٿو اسان ان ڳالهه جو قدر ڪريون ٿا ته اسان جي تاريخ جي مشڪل دورن ۾ سعودي عرب جي قيادت هميشه پاڪستان سان گڏ بيٺل رهي آهي. هن چيو ته اسان ترقي رکندڙ ڀائيواري جا خواهشمند آهيون جنهن ۾ واپار معاشي رابطن تي خاص ڌيان ڏنو وڃي ته جيئن اسان جو خطو ترقي ڪري سگهي. هن چيو ته خاص اقتصادي زونز لاءِ حڪومت خاص مراعتون ڏئي رهي آهي جنهن ۾ 100 سيڪڙو منافعو کڻي وڃڻ جي اجازت، ٽِڪس ۽ ڪسٽم کان ڇوٽ ۽ ڪيپيٽل سامان جي امپورٽ شامل آهي هن چيو ته گوادر بندرگاهه هوٽل، بئڪنگ، انشورنس، فنانشل ليزنگ لاجسٽڪس، اورسيز ويئر هائوس، خوراڪ ۽ تيل جي پراسيسنگ، مڇي جي هٿرادو پراسيسنگ ۽ اليڪٽرانڪ شين جي تياري سميت مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري جا موقعا فراهم ڪري ٿي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *