مسٽر ايڊمنسٽريٽر توهان ڪٺ پتلي آهيو. مرتضيٰ وهاب کي عدالتي ڪمري مان نيڪالي

اسلام آباد (اين اين آءِ) چيف جسٽ پاڪستان ايڊمنسٽريٽر ڪراچي مرتضيٰ وهاب تي طنز ڪندي چيو آهي ته مسٽر ايڊمنسٽريٽر توهان ڪٽ پتلي آهيو، اسان کي ليڪچر نه ڏيو پر ڪم ڪيو، سڀي پلاٽن تان قبضا ختم ڪرايو، راندين جا ميدان بحال ڪيو. سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ چيف جسٽس پاڪستان جسٽس گلزار احمد جي سربراهي ۾ جسٽس اعجاز الحسن ۽ جسٽس قاضي امين تي ٻڌل بينچ حددخلين جي خاتمي، سرڪلر ريلوي، اورنگي ۽ گجر نالي جي بحالي بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي جڏهن ته نسلا ٽاور جي حوالي سان به رپورٽ پيش ڪئي وئي. ڪراچي جي ايڊمنسٽريٽر مرتضيٰ وهاب سپريم ڪورٽ ۾ تفريحي پلاٽن بابت رپورٽ جمع ڪرائي ۽ ٻڌايو ته 200 فلاحي پلاٽ آهن، ڪي ايم سي جا 42 پارڪ فعال آهن، ڪي ايم سي جا 9 هزار دڪان آهن، مان روينيو جنريٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهيان. چيف جسٽس چيو ته جيترا به فلاحي پلاٽ آهن انهن تان قبضا ختم ڪرايو راندين جا ميدان بحال ڪيو، جسٽس اعجاز الحسن چيو ته ڪنهن ڪيو آهي اهو سڀ ڪجهه؟ ايڊمنسٽريٽر ڪراچي ٻڌايو ته گذريل حڪومتن اهو سڀ ڪجهه ڪيو آهي. مرتضيٰ وهاب عدالت کي ٻڌايو ته 9 پيٽرول پمپ آهن دڪانن جو ڪرايو وڌايو پيو وڃي، منهنجو پنهنجو شهر آهي ٻن اڍائي مهينن ۾ جيڪو وس هيو ڪيو آهي، چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته توهان ڇا ٿا سمجهو ته توهان ٽي وي تي ويهي ڳالهائي رهيا آهيو. ايڊمنسٽريٽر ڪراچي چيو ته مان رڳو پنهنجي ڳالهائڻ جو حق استعمال ڪري رهيو آهيان، جسٽس قاضي امين چيو ته توهان اسان جي اجازت کانپوءِ ئي ڳالهائيندئو، چيف جسٽس ايڊمنسٽريٽر ڪراچي کي چيو ته هليا وڃو. ڪي ايم سي جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته مان سڀ ڪجهه نوٽ ڪري ڇڏيو آهي، رپورٽ جمع ڪرائي ڇڏينداسين، جسٽس قاضي امين چيو ته حددخلين وارن کي نوٽيس جاري ڪري خالي ڇو ناهن ڪرايون ويون؟ چيف جسٽس ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته شهر جي 90 سيڪڙو حصي تي قبضو ٿي ويو آهي، اينٽي انڪروچمينٽ وٽ ڪو به ڪم ناهي. چيف جسٽس پنهنجي ريمارڪس ۾ چيو ته اينٽي انڪروچمينٽ جون ٽي عدالتون خالي پيون آهن ڪم ئي ناهي، اسان پي اي سي ايڇ ايس ۾ ڏٺو آهي ته 300،400 گز جا گهر ڊاهي چار چار عمارتون اڏيون ويون آهن، ڇا ڪي ايم سي ۽ ڪي ڊي ايم بدترين صورتحال ۾ آهي؟

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *