ورلڊ ڪپ ۾ دفاعي چيمپيئن ويسٽ انڊيز کي لڳاتار ٻي شڪست، پروٽيز پهرين ڪاميابي ماڻي ورتي

دبئي  (اسپورٽس نيوز)آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي گروپ 1 جي ميچ ۾ ڏکڻ آفريقا جي ٽيم دفاعي چيمپيئن ويسٽ انڊيز کي 8 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي.دبئي ۾ ٽاس هارائڻ کانپوءِ دعوت ملڻ تي پهريان بيٽنگ ڪندي ويسٽ انڊين ٽيم مقرر اوورن ۾ 8 وڪيٽن جي نقصان تي 143 رنسون ٺاهيون.ايون ليوس 56 رنسن سان ٽاپ اسڪورر رهيو، ڪپتان ڪيرون پولارڊ 26، سمنز 16، نڪولس پوران ۽ ڪرس گيل 12-12 رنسون ٺاهيون.ڏکڻ آفريقا طرفان ڊوائن پريٽوريس 3، ڪيشو مهاراج 2، اينرچ نورجي ۽ ڪگيسو ربادا هڪ – هڪ وڪيٽ ورتي.جواب ۾ پروٽيز گهربل هدف 18.2 اوورن ۾ رڳو ٻن وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري ورتو.ايڊن مارڪرم 51 ۽ وان ڊر ڊوسين 43 رنسن جي اننگز کيڏي ناٽ آئوٽ رهيا، جڏهن ته هينڊرڪس 39 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو.واضح رهي ته گروپ ون ۾ شامل ڏکڻ آفريقا ۽ ويسٽ انڊيز جون ٽيمون پنهنجي پهرين ميچ هارائي چڪيون هيون، هاڻ ڏکڻ آفريقا پهرين ڪاميابي ماڻي آهي، جڏهن ته ويسٽ انڊيز کي مسلسل ٻي ميچ ۾ شڪست ملي آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *