پروڊڪشن آرڊر باوجود فريال ٽالپر کي اسيمبلي ۾ اچڻ جي اجازت نه ملڻ خلاف پنجاب جي وزيراعلي هائوس وڃي اڳيان ڌرڻي جو چتاءَ

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) اطلاعات ۽ پورهئي واري کاتي جي صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته ايم ڪيو ايم 30 سال جي سياست ۾ ڪجهه ناهي سکي هو هيمشه استعمال ٿيندا رهيا آهن ۽ اڄ به ٿي رهيا آهن اها ڳالهه هن اڄ صوبائي وزير شهلا رضا، اسپيشل اسسٽنٽ وقار مهندي ۽ راشد رباني سان گڏ پريس ڪانفرنس سان خطاب ڪندي ڪئي. سعيد غني چيو ته 13 تاريخ تي سنڌ اسيمبلي جو اجلاس آهي پروڊڪشن آرڊر جاري ٿيڻ باوجود فريال ٽالپر کي اجلاس ۾ نه آندو ويو ته ڪابينا جي ڪجهه ميمبرن سان هو لاهور ويندو ۽ سي ايم هائوس وڃي انهن کي ياد ڪرائينداسين ته اهي قانون جي پاسداري ڪن هن چيو ته فريال ٽالپر مجرم ناهي هن چيو ته اسان دهشتگرد ناهيون سياسي ماڻهو آهيون ۽ پر امن احتجاج تي يقين رکندا آهيون اگر اهي اسان کي ڏنڊا هڻندا ته اسان ان لاءِ به تيار آهيون پر اسان قانون ۽ آئين جي دائري ۾ رهي احتجاج جاري رکنداسين. صوبائي وزير چيو ته خان صاحب ملڪي معيشيت کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي اقتدار جي خواهش پي ٽي آئي ۽ ايم ڪيو ايم جي دل ۾ تڙپي رهي هوندي. پر خواهش آئين ۽ قانون کان وڌي ڪري ناهن صوبائي وزير چيو ته هڪ ٻن ڏينهن ۾ ڪراچي جي مسئلن جي حل لاءِ هڪ ڪميٽي جوڙڻ جي ڳالهه ڪئي پئي وڃي ان کان پهريون ڪراچي ٽرانسفارم ڪميٽي جوڙي وئي ۽ 200 ارب رپئي جا منصوبا وزيراعظم جي علم ۾ آندا ويا ان 200 ارب جي منصوبن کي ڏسندي وزيراعظم 162 ارب جي پيڪيج جو اعلان ڪيو هو جيڪو صرف اعلان ثابت ٿيو هن چيو ته ڪجهه نه ڪيو صرف ڪراچي جا 162 ارب رپيا ڏيو جڏهن ته ان جي برعڪس بجيٽ ۾ 12 ارب رکيا ويا آهن جنهن مان ٽي ارب رپيا ملندا صوبائي وزير چيو ته گورنر جو چوڻ آهي ته ان ڪميٽي جو مقصد هڪ اٿارٽي جو قيام آهي جڏهن ته قانون واري وفاقي وزير جو چوڻ آهي ته ان ۾ ٽرانسپورٽ سميت سمورن مسئلن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ويندي صوبائي وزير وڌيڪ چيو ته ميئر ڪراچي به ان ڪميٽي جو رڪن بڻيو پر هو مطمئن نه هو ان لاءِ هن ان تي سخت تنقيد ڪئي سعيد غني چيو ته روشني جو شهر ڪراچي مهم شروع ڪئي وئي ۽ 300 آر او پلانٽس لڳائن جو اعلان ڪيو ويو اهو دعوو به ڪي پي ڪي منصوبن وانگر هڪ دوکو ثابت ٿيو سعيد غني چيو ته بلدياتي نظام ۾ ترميم وفاقي حڪومت جو ڪم ناهي اگر ايئن ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته اسان مذمت ڪنداسين صوبائي وزير چيو ته علي زيدي واري ڪراچي ڪلين مهم جا نتيجا اڃا تائين ڀڳتي رهيا آهيون جنهن ۾ ڏيڍ لک ٽن ڪچرو کڻڻ جي دعوا ڪئي وئي هئي جنهن ۾ صرف 13 هزار ٽن لينڊ فل سائيٽ تائين پهچايو ويو سعيد غني چيو ته وزيراعظم مسئلا حل ڪرڻ ۾ سنجيده آهي ته ڪلين ڪراچي مهم جي حقيقت معلوم ڪري شايد علي زيدي کي وزارت کان هٽائي ڇڏي صوبائي وزير چيو ته آرٽيڪل 148 جو ذڪر مناسب ناهي جيڪڏهن مارشل لاءَ لاڳو ڪيو ويو ته ڪجهه به ٿي سگهي ٿو سعيد غني چيو ته اسولي طور تي گهوڙو گاڏي کان اڳتي هوندو آهي پر ايم ڪيو ايم پي ٽي آئي هٿان استعمال ٿي رهي آهي اطلاعات واري صوبائي وزير چيوته سنڌ لاءِ جيترو ڪم ڪيو آهي ان جي نتيجي ۾ پيپلزپارٽي اڄ جيتريون سيٽون کٽيون اهن اهي پهرين ايتريون ڪڏهن به نه هيون هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اسان شهري ۽ ڳوٺاڻي فرق کي ختم ڪرڻ لاءِ اسان مفاهمت جو رستو اختيار ڪيو ۽ نائين زيرو وياسين پر شايد اهو فيصلو غلط هو. اطلاعات ۽ محنت واري صوبائي وزير چيو ته محرم کانپوءِ وزيراعليٰ صفائي جو ڪم جاري رکڻ لاءِ چيو آهي اصل ڳالهه اها آهي ته ڪي ايم سي ۽ ڊي ايم سي سميت ڪونسلز جا سربراهه موجود آهن ته اسان انهن جي ڪمن ۾ مداخلت ڪرڻ جي ڪوشش ناهي ڪئي اسان اهو چاهيون ٿا ته اهي پنهنجا معاملا صحيح رخ ۾ ڪن صوبائي وزير چيو ته جيستائين ميئر پنهنجا ارادا ٺيڪ نه ڪندو اسان ڪجهه نٿا ڪري سگهون. صوبائي وزير چيو ته چونڊن جو فيصلو ڪرڻ انهن جو نه پر انهن جي ليڊر شپ جو فيصلو آهي جيڪڏهن قيادت فيصلو ڪيو ته نئين چونڊن تي به ڳالهه ڪري سگهجي ٿي سعيد غني چيو ته هو خودمختيار ۽ با اختيار بلدياتي نظام جو حامي آهي ماضي ۾ ان ڏس ۾ هڪ تجربو ٿي چڪو آهي جنهن جا تباهه ڪن اثر اڄ به موجود آهن اطلاعات واري وزير چيو ته اسان سيلز ٽيڪس تي جيڪا ڪارڪردگي ڏکاري اها سڀني جي سامهون آهي ۽ اسان اهو مطالبو به ڪريون ٿا ته شين تي سيلز ٽيڪس جي وصولي جو اختيار به صوبي کي ڏنو وڃي اهڙي ريت جيڪڏهن لوڪل گورنمينٽ ۽ ميئر به ڪارڪردگي ڏيکاري ته ٽيڪس وصولي جو اختيار ان کي ڏئي سگهجي ٿو. اطلاعات واري صوبائي وزير سعيد غني چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو جي عوامي رابطا مهم جاري آهي ۽ جاري رهندي مولانا فضل الرحمن جي تحريڪ جو فيصلو ان جو ذاتي آهي جيڪڏهن اپوزيشن گڏيل فصلو ڪيو ته ان ڳالهه تي اسان جي قيادت فيصلو ڪندي صوبائي وزير چيو ته ڪراچي جي مسئلن تي اسان سڀني کان وڌيڪ ڪم ڪري رهيا آهيون ۽ ڪراچي جي 100 ارب کان وڌيڪ خرچ ڪري چڪا آهيون سالڊ ويسٽ مئنيجمينٽ بڻايو ويو اسان ڪميٽيون بڻايون آهن ڪوبه شور ناهي ڪيو هن وقت به سنڌ اسيمبلي جي ڪميٽيز ۾ اپوزيشن جي نمائندگي لاءِ 14 سيٽون خالي رکيون آهن پر انهن پاڻ بائيڪاٽ ڪري رکيو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *