يوم عاشور مذهبي عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويو، سڄي ملڪ ۾ ذوالجناح ۽ تعزيي جا جلوس برآمد ٿيا

ڪراچي (اين اين آءِ) حضرت امام حسين ۽ ان جي ساٿين جي اسلام جي سربلندي ۽ حق ۽ صداقت لاءِڪربلا جي ميدان ۾ ڏنل عظيم قرباني جي ياد ۾ يوم عاشور مذهبي احترام سان ملهايو ويو ملڪ جي سمورن ننڍن وڏن شهرن ڳوٺن ۾ ذوالجناح ۽ تعزيي جا جلوس برامد ٿيا مرڪزي امام بارگاهن تان برآمد ٿيل ذوالجناح ۽ تعزيي جا جلوس پنهنجي روايتي رستن تان ٿيندي 10 محرم تي پنهنجي منزل تي پهچي نهر ٿيا جنهن کان پوءِ شام غريبان برپا ڪئي ويئي. وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن پاران سيڪيورٽي جا فول پروف انتظام ڪيا ويا ماتمي جلوسن جي روٽس ۽ ڀرپاسي ۾ موبائيل فون سروس جلوسن جي پڄاڻي تائين بند رهي سڄي ملڪ ۾ امن امان قائم رکڻ لاءِ پوليس سان گڏ پاڪ فوج، رينجرز ۽ ايف سي جا جٿا به حفاظتي ڊيوٽِن تي مقرر رهيا لاهور ڪراچي پشاور سميت ملڪ جي ننڍن وڏن شهرن ۾ 10 محرم تي به ٻيلهه سواري تي مڪمل پابندي لڳل رهي مرڪزي جلوسن ۾ شامل ٿيندڙ عذادارن کي تلاشي کان پوءِ وڃڻ جي اجازت ڏني ويئي يوم عاشور جي موقعي تي ڪنهن به اڻوڻندڙ واقعي کي منهن ڏيڻ لاءِ امام بارگاهن، مسجدن، عبادتگاهن ۽ مزارن جي سيڪيورٽي به سخت ڪئي ويئي جڏهن ته ڪنهن به اڻوڻندڙ واقعي کي منهن ڏيڻ لاءِ سمورن سرڪاري اسپتالن ۾ ايمرجنسي لاڳو رهي ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ 10 محرم الحرام جي سلسلي ۾ جلوس ڪڍيا ويا جن جي سيڪيورٽي لاءِ سخت انتظام ڪيا ويا هئا ڪراچي ۾ يوم عاسور جو مرڪزي ماتمي جلوس نشتر پارڪ کان برامد ٿيو جيڪو حسينيه ايرانيا امام بارگاهه پهچي نهر ٿيو جلوس جي انتظامن جو جائزو وٺڻ لاءِ سنڌ جو وڏو وزير سيد مرادعلي شآهه صوبائي وزير سعيد غني سان پريڊي اسٽريٽ لائين پهتو ۽ جلوس جي قيادت به ڪئي جنهن کان پوءِ سنڌ جو وڏو وزير سکر روانو ٿيو هن سکر روهڙي، خيرپور، ڪوٽڏيجي، شڪارپور، جيڪب آباد جي ماتمي جلوسن جي سيڪيورٽي جو به جائزو ورتو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *