انساني حقن جي ڪميشن کي والاريل ڪشمير جي عوام لاءِ ڪردار ادا ڪرڻو پوندو: شاهه محمود قريشي

جنيوا (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي يو اين جي انساني حقن جي ڪمشنر ميشل بيشليٽ سان ملاقات ۾ کيس والاريل ڪشمير ۾ جاري انساني حقن جي ڀڃڪڙين کان آگاهه ڪيو ۽ چيو ته انساني حقن جي ڪميشن کي والاريل ڪشمير جي عوام لاءِ ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. شاهه محمود قريشي گڏيل قومن جي انساني حقن جي ڪمشنر ميشل بيشليٽ سان ملاقات ڪئي، ان موقعي تي شاه محمود  والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙين کان آگاهه ڪيو. هن چيو ته والاريل ڪشمير ۾ هڪ طرفا قدم گڏيل قومن جي ٺهرائن جي ڀڃڪڙي  آهن، ڀارت والاريل ڪشمير ۾ 6 هزار معصوم شهرين کي گرفتار ڪيو، ماڻهو ڪرفيو لاڳو هجڻ سبب دوائن، کائڻ پيئڻ جي شين کان محروم آهن.  پرڏيهي وزير چيو ته انساني حقن جي ڪميشن کي والاريل ڪشمير جي عوام لاءِ ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. هوڏانهن والاريل ڪشمير جي معاملي تي پاڪستان کي وڏي سفارتي ڪاميابي حاصل ٿي، گڏيل قومن جي انساني حقن جي ڪائونسل جي گڏيل پڌرائي ۾ 58 ملڪن حمايت ڪري ڇڏي. ھي به ڏسي سگھو ٿا: وزيراعظم پاران ڪشميرين سان يڪجهتي لاءِ جلسي جو اعلان شاهه محمود قريشي جو چوڻ هو ته 58 ملڪن ڀارت آڏو پنج مطالبا رکيا آهن، ڪشميرين کان آزادي نه کسي وڃي، گرفتار اڳواڻن کي آزاد ڪيو وڃي، عالمي ميڊيا ۽ انساني حقن جي تنظيمن کي ڪشمير ۾ پهچ ڏني وڃي. حريت اڳواڻن کي آزاد ڪيو وڃي. ڪرفيو  ختم ڪيو وڃي ۽ انساني حقن جي ڪمشنر جي سفارشن تي عمل ڪيو وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *