پرويز مشرف کي ٻاهر وڃڻ جي اجازت ڏئي نواز سرڪار سهولتڪاريءَ جو ڪردار ادا ڪيو: پيپلز پارٽي

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)  سنڌ جي سينيئر وزير نثار احمد کهڙو چيو آهي ته ن ليگ جي حڪومت آئين سان غداري ڪندڙ آمر پرويز مشرف کي ملڪ کان ٻاهر وڃڻ جي اجازت ڏئي سهولتڪاري جو ڪردار ادا ڪري غداريءَ جو مرتڪب ٿي آهي، جيڪڏهن آمر پرويز مشرف کي فوري طور ملڪ واپس نه آندو ويو ته سنڌ جي چپي چپي ۽ گهٽيءَ گهٽيءَ مان گو نواز گو جو نعرو لڳندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن سومر ڏينهن پيپلز پارٽيءَ جي ايم پي ايز پاران آمر پرويز مشرف کي ملڪ کان ٻاهر وڃڻ جي اجازت ڏيڻ واري عمل خلاف سنڌ اسيمبليءَ جي ڏاڪڻين وٽ احتجاجي ڌرڻي کي خطاب ڪندي ڪيو. احتجاجي ڌرڻي ۾ پيپلز پارٽيءَ جي روبينا قائمخاني، رخسانا شاه، خيرالنساءِ مغل سميت ٻين عورت ميمبرن توڙي پيپلز پارٽيءَ جي صوبائي وزيرن ۽ ايم پي ايز شرڪت ڪئي جن جي ٻانهن تي ڪاريون  پٽيون ٻڌل هيون ۽ هو  هٿن ۾ پلي ڪارڊز کڻي گو نواز گو جا نعرا هڻي رهيا هيا. ڌرڻي کي خطاب ڪندي نثار احمد کهڙو چيو ته آمر پرويز مشرف ٻه دفعا آئين کي پائمال ڪيو ۽ جنهن تي آئين سان غداريءَ ڪرڻ جو ڪيس هلندڙ هجي ان کي ملڪ مان ٻاهر وڃڻ جي اجازت ڏئي نواز شريف حڪومت سهولتڪاريءَ جو ڪردار ادا ڪيو آهي ۽ ملڪ جي غدار جا سهولتڪار پڻ غداريءَ جا مرتڪب آهن. هن چيو ته عدالت پڻ ڪڏهن آمرن جي خلاف ڪا ڪاروائي نه ڪئي آهي ماضيءَ ۾ عدالت چئن مارشل لائن کي تحفظ ڏنو ۽ هاڻي واري آئين سان غداريءَ ڪندڙ آمر جو بال حڪومت جي ڪورٽ ۾ اڇلايو ۽ ڻ ليگ جي حڪومت وري آمر کي ٻاهر وڃڻ ڏنو جيڪڏهن نواز شريف کي ائين ئي ڪرڻو هو ته پوءِ هو پرويز مشرف کي ايئر پورٽ تي الوداع چوڻ وڃي ها ته بهتر هو. نثار احمد کهڙو چيو ته آمر پرويز مشرف ۽ نوازشريف جي سوچ هڪ آهي ۽ هو هڪ ئي سڪي جا ٻه پاسا آهن، هڪ عدالت کان ڊڄي ملڪ کان ڀڄي ويو ۽ ٻئي ان ئي آمر سان 10 سال معاهدو ڪري ملڪ مان فراريت اختيار ڪئي هئي. هن چيو ته پرويز مشرف تيستائين ملڪ مان ٻاهر نه پئي وڃي سگهيو جيستائين سندس نالو اي سي ايل مان نه پيو نڪري ۽ اي سي ايل مان آمر جو نالو ڪڍندڙ پيپلز پارٽيءَ نه پر نواز شريف جي حڪومت آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پيپلز پارٽيءَ پرويز مشرف سان ڪنهن به اين آر او جو معاهدو نه ڪيو هو جيڪڏهن معاهدي جي صحيحن سان ڪنهن وٽ ثبوت آهن ته سامهون آڻي. هن چيو ته اين آر او پيپلز پارٽيءَ کي فائدو ڏيڻ لاءِ نه پر ڪنهن ٻين کي فائدو ڏيڻ لاءِ آندو ويو هو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *