سنڌ اسيمبلي ۾ ڪي ڊي اي جي بحالي، سنڌ فئڪٽريز ترميمي بل ۽ سنڌ ٽرمس آف ايمپلائمينٽ بل اڪثريت راءِ سان منظور

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ اسيمبلي ۾ ڪي ڊي اي جي بحالي، سنڌ فئڪٽريز ترميمي بل ۽ سنڌ ٽرمس آف ايمپلائمينٽ بل اڪثريت راءِ سان منظور ڪيا ويا آهن، متحده ميمبرز التوا واري رٿ پيش ڪرڻ جي اجازت نه   ملڻ ۽ ايم ڪيو ايم  جي ڊپٽي ڪنوينر شاهد پاشا جي گرفتاري خلاف سخت حتجاج ڪندي ٻه ڀيرا ايوان مان علامتي واڪ آئوٽ ڪيو. سنڌ اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر آعا سراج دراني جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن دوران تعليم ۽ پارلياماني معاملن واري وزير نثار کهڙي ڪي ڊي اي جي بحالي، سنڌ فئڪٽريز ترميمي بل ۽ سنڌ ٽرمز آف ايمپلائمينٽ بل پيش ڪيا، جيڪي  اڪثريت راءِ سان منظور ڪيا ويا. متحده جي سيد سردار احمد ڪي ڊي اي جي بحالي واري بل ۾ ڪي ڊي اي جو سربراهه ڪراچي جي ميئر کي  بڻائڻ واري ترميم پيش ڪئي، جيڪا رد ڪئي وئي. متحده ميمبرز ڊپٽي ڪنوينر شاهد پاشا جي گرفتاري ۽ ڪراچي ۾ عطائي ڊاڪٽرن خلاف ڪارروائي لاءِ التوا واري رٿ پيش ڪرڻ جي اجازت نه ملڻ تي سخت احتجاج ڪندي ٻه ڀيرا ايوان مان علامتي واڪ آئوٽ ڪيو. متحده ميمبرز سخت نعريبازي ڪندي اسپيڪر جي روسٽرم آڏو احتجاج ڪندا رهيا، جنهن دوران ايجنڊا جون ڪاپيون به ڦاڙيون ويون. اجلاس ۾ بل تي بحث دوران صوبائي وزير نثار کهڙو جذبات ۾ آئين کي ايان چئي ويو. اجلاس دوران ن ليگ ايم پي اي سورٺ ٿيٻو تيل جي قيمتن ۾ واڌ کانپوءِ ڀاڙا نه گهٽائڻ بابت ڌيان ڇڪايو نوٽيس  پيش ڪيو، جنهن تي ٽرانسپورٽ واري وزير ممتاز جکراڻي چيو ته تيل جي قيمتن ۾ لاٿ کانپوءِ انٽرسٽي ٽرانسپورٽ جي ڀاڙن ۾ 8 سيڪڙو ۽ اسڪول وينز جي ڀاڙن ۾ 10 سيڪڙو گهٽتائي ڪئي وئي آهي. هن چيو ته ٽرانسپورٽ آفيسرز وٽ اختيار نه هئڻ سبب فيصلن تي عملدرآمد ڪرائڻ ۾ ڏکيائي پيش اچي رهي آهي پر اهڙي فيصلي تي عملدرآمد لاءِ ڪمشنرز ۽ ڊي سيز کي ليٽر لکيا ويا آهن. سنڌ اسيمبلي ۾ مختلف معاملن تي بحث جاري هو ته اجلاس جي ڪارروائي سڀاڻي تائين ملتوي ڪئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *